اڪري چودڳي (ن پ ا) اڪري چودڳي کان 3 ڪلو ميٽر ڏکڻ اولهه طرف قائم تاريخي آثار قديمه جو تباھ ٿيل شهر ليلا جا آتڻ آرڪيالاجي کاتي پاران سار نه لهڻ سبب نشان ميسارجڻ لڳا، بااثرن پاران زمين خريدڻ جواز ڄاڻائي بلڊوزر هلرائي زمين آباد ري رهيا آهن، جنهن سبب قديم تاريخي ورثي جي نشان مٽجڻ جو خطرو پيدا ٿي پيو آهي. آرڪيالاجي کاتي پاران ليلا جي آتڻن جي ايراضي جو احاطو نه ڪرڻ يا ڪا چوديواري وغيرھ سرڪاري طور تي مالڪي نه ڪرڻ سبب قبضا ڪرڻ آسان بڻيل آهن، آثار قديم جون ٽيمون وزٽ ڪرڻ باوجود هن تباھ ٿيل شهر جي ڪا مستند تاريخ يا تحقيق منظر تي ناهي اچي سگهي، تاريخي ورثي بابت ٻڌايو پيو وڃي ته خيرپور ۽ نوشهري ضلعي جي حدن ۾ قائم ٻن ميلن کان به وڌيڪ ايراضي ۾ ٺڪراٺو آهي، جنهن کي( ليلا جا آتڻ) طور سڃاتو وڃي ٿو، جڏهن ته رهواسين موجب 250 ايڪڙ کان وڌيڪ ايراضي جي دڙي تي مشتمل هئي پر هينئر 10 ايڪڙ به ناهي هن دڙي مان هٿ آيل ڪجهه ٺڪريون ۽ٺڪر جون مورتيون سنڌالاجي ميوزيم ۾ پڻ رکيل آهن، وڏڙن جي ڏند ڪٿائن موجب هن دڙي کي برهمڻ آباد جي نالي سان سڏيو ويندو هو.