گپچاڻي (ن پ ا) گپچاڻي ۾ قائم بنيادي صحت مرڪز ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ ۽ اسپتال ۾ ميڊيڪل آفيسر مقرر نه هجڻ ڪري او پي ڊي بند پيل آھي، جنهن سبب روزانو علاج لاءِ ايندڙ ڪيترائي غريب مريض ٻين شهرن ڏانهن دربدر ٿي رهيا آهن، ان حوالي سان شهرين ۽ سياسي سماجي اڳواڻن نور علي گپچاڻي، زاهد حسين، سلامت علي، ضياءَ الحق، جميل ۽ ٻين دانهيندي چيو ته اسپتال ۾ 15 ڏينهن کان ميڊيڪل آفيسر مقرر نه ٿيڻ ۽ اسپتال جي او پي ڊي بند هجڻ سبب مريض علاج لاءِ دربدر ٿي رهيا آهن، اسپتال جي ڪواٽرن جي حالت به انتهائي خراب آھي، هنن چيوته شڪايتن باوجود ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، شهرين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽِس وٺي اسپتال ۾ صحت جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن.