ميهڙ (ن پ ا ) تحريڪ انصاف ميهڙ سٽي جي انفارميشن سيڪريٽري زبير سمون جو مبينا اغوا ٿيل ننڍو ڀاء شهيب سمون جو 3 ڏينهن گذرڻ باوجود پتو پئجي ناهي سگهيو، وارثن پاران ڳولا باوجود سندس پتو پئجي ناهي سگهيو، مغوي جي ڀاءُ زبير سمون حافين سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي ڀاءکي شهر ۾ فحاشي، جوا جا اڏا هلائيندڙن اغوا ڪرايو آهي جن خلاف مون ڪورٽن ۾ ڪيس ڪيا آهن جيڪي ڪيس هلندڙ آهن ۔تحريڪ انصاف سٽي ميهڙ جو اڳواڻ زبير سمون چيو ته ڀاء جون ميڊيا ۾ خبرون هلائڻ تي منهنجي ڀاء کي اغوا ڪري گم ڪندڙ جوابدار موبائيل نمبر تان ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ته ڀاء جي اغوا جون ميڊيا ۾ خبرون نه هلراء، نه ئي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪراءِ ۽ ڪورٽن ۾ داخل ڪيسن تان هٿ کڻ ٻي صورت ۾ تنهنجي ڀاء جو توکي لاش ملندو، هن چيو ته هن بار بار ميهڙ بي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي اطلاع ڏنو آهي ،پر ايس ايڇ او ڀاء جي اغوا جو نه ڪيس ٿو داخل ڪري نه ڀاء جي ڳولا ۾ مدد ٿو ڪري، ڀاءُ کي اغوا ڪرائيندڙن ۽ ڪندڙن خلاف سنڌ هاء ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائيندس.