ڪراچي: يوسي سيڪريٽرين، جونيئر ڪلارڪن، نائب قاصد، چوڪيدار سميت ٻين عهدن تي سال 2010ع کان 2013ع تائين مختلف وقتن تي ڀرتي ٿيل اڪثر ملازمن کي مليل پگھارن جون بينڪ اسٽيٽمينٽ گُم، بينڪ اسٽيٽمينٽ نه هجڻ سبب جاچ ڪاميٽي پاران کين کاتي ۾ قبولڻ کان انڪار ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح مختلف گريڊن جي ملازمن جي اسڪروٽني بعد ڪيترن ئي ملازمن پنهنجو سروس رڪارڊ ئي جمع ناهي ڪرايو.