ڪراچي: سال2012.13ع دوران بنا اشتهار جي ٿيل ڀرتين سبب 99 يوسي سيڪريٽرين جون ڀرتيون جعلي قرار ڏئي هٽائڻ بعد رپورٽ ڪرايل ملازمن جون 3 مهينن کان پگھارون به بند پيل آهن. ان سلسلي ۾ جاچ ڪاميٽي جو چوڻ آهي ته ٻن سالن دوران جايون خالي پيل هيون، ملازمن جو رڪارڊ به پورو آهي پر ڀرتيون قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ کانسواءِ ئي ڪيون ويون، ڇاڪاڻ ته ڀرتين جا اشتهار به نه ڏنا ويا هئا.