اڇڙي ٿر ۾ ٻلھاڙو جا مقابلا: قبول شاهه ٽيم ڪامياب

0
297

چوٽياريون (رپورٽ: عاجز اعجاز راڄڙ) اڇڙي ٿر ۾ ثقافتي راند ٻلھاڙو کيڏي وئي، جنهن ۾ نوجوان دلچسپ مقابلو ڪيو، جڏهن ته شوقينن جو به وڏو انگ پهتو.ڳوٺ حاجي درمحمد راڄڙ ۾ نوجوان ايوب راڄڙ ايونٽ ڪرايو، جنهن ۾ ٽي مقابلا ٿيا، جڏهن ته سيد قبول شاھ جي ٽيم 2 مقابلا کٽي سوڀاري ٿي، ايونٽ ۾ قبول شاھ، فرمان شاھ، قائم شاھ، ميوو راڄڙ، سانول اسماعيل، ارباب ملوڪ، عثمان راڄڙ، امام بخش جانوري، اسحاق راڄڙ، پيربخش سولنگي، اوڀايو جانوري، رسول بخش راڄڙ، فقير الھبچايو، راڄڙ دين ۽ ٻين شرڪت ڪئي. سيد قبول شاھ کي  فقير محمد خان راڄڙ روڪ رقم ۽ انعام ڏنا. ان موقعي تي مقررن چيو ته ايوب راڄڙ طرفان سنڌ جي ثقافتي راند کي اجاڳر ڪرڻ سٺو سنوڻ آهي.