وينا ملڪ جي شوبز جي دنيا ۾ وري انٽري، مزاحيا سيريز ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار

0
259

ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪارا ۽ ميزبان وينا ملڪ تڪراري بيانن جي ڪري خبرن ۾ گهڻو وقت رهي آهي. وينا ملڪ کي گذريل 7 سالن کان ڪنهن به فلم يا ڊرامي ۾ ناهي ڏٺو ويو، جيتوڻيڪ ان کي ٽي وي تي ميزباني ڪندي يا مهمان طور پروگرامن ۾ شرڪت ڪندي ڏٺو ويو آهي. ان حوالي سان وينا ملڪ هاڻي تصديق ڪئي آهي ته هوءَ جلدي اسڪرين تي اچڻ لاءِ تيار آهي. وينا ملڪ دعويٰ ڪئي آهي ته هوءَ جلد اسٽرينگ ويب سائيٽ اردو فلڪس جي سياسي ۽ سماجي مسئلي تي ٻڌل سيريز ۾ نظر ايندي.

اداڪارا چيو آهي ته مزاحيا انداز ۾ سياست ۽ سماجي حالتن تي ٻڌل ويب سيريز جي ڪهاڻي ناليواري مزاحيا ليکڪ ڊاڪٽر محمد يونس بٽ لکي آهي. اهو منصوبو اڳ ۾ ڪنهن ٻئي چينل ۽ پروگرام جي لاءِ جوڙيو ويو هو پر هاڻي ان کي اردو فلڪس جي لاءِ ٺاهيو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته ڄاڻايل سيريز کانسواءِ به ڪجهه وڌيڪ اهم منصوبا به جلد شروع ٿيندا پر هن انهن بابت ڪا به ڄاڻ فراهم نه ڪئي. وينا ملڪ جو چوڻ هو ته هن ڪجهه ريئلٽي شو جون آڇون به رد ڪيون پر هن اهو واضح نه ڪيو ته کيس انهن شوز جي آڇ پاڪستان مان ٿي يا ملڪ کان ٻاهران ٿي.