ڪرمپور: ٻڌايو پيو وڃي ته اي پي سي ۾ 5 ڄڻا سوار هئا، ڌاڙيلن اي پي سي مٿان راڪيٽ فائر ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا شهيد ٿي ويا، واقعي بعد زخمي ٿيل اهلڪار وڊيو رڪارڊ ڪري وائرل ڪيو ته سندن 3 ساٿي شهيد ٿي چڪا آهن، ٻه ڄڻا زنده آهيون، حياتي خطري ۾ آهي، سندن بيان کي آخري پيغام سمجهو وڃي. اهلڪار وڊيو ۾ ايس ايس پي کي مدد جي اپيل ڪئي.