ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نيب لينڊ يوٽيلائيزيشن کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري آفتاب ميمڻ کي گرفتار ڪري ورتو. نيب ترجمان موجب جوابدار آفتاب ميمڻ کي عدالت ۾ هلندڙ هڪ ريفرنس جي سلسلي ۾ گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت کيس جوڊيشنل رمانڊ تي ڪراچي سينٽرل جيل اماڻي ڇڏيو، نيب موجب جوابدار پنهنجن اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو، هن پرائيويٽ ماڻهن کي فائدو پهچائڻ لاءِ ملير ۾ 20 ايڪڙن جون رد ٿيل داخلائون بحال ڪيون، جڏهن ته سپريم ڪورٽ پاران پابندي وڌل هجڻ باوجود اسٽيٽ بينڪ جي اسٽاف ڪوآپريٽو سوسائٽي کي 90 ايڪڙ زمين غيرقانوني طور الاٽ ڪئي، نيب ترجمان موجب جوابدار قومي خزاني کي 500 ملين ( 50 ڪروڙن ) جو نقصان پهچايو