ڪنڌڪوٽ: پوليس 5 ڏينهن جي آپريشن دوران ڪچي واري علائقي کي هٿياربندن کان ڪليئر قرار ڏئي ڇڏيو ۽ چيو ته سبزوئي هٿياربند دراني مهر جو ڪچو ڇڏي ڳڙهي تيغو واري ڪچي طرف فرار ٿي ويا آهن، جنهن بعد پوليس ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب جي سربراهي ۾ پوليس ڳڙهي تيغو جي ڪچي واري علائقي ۾ گڏيل آپريشن ڪيو.