ايڪتا جي تقريب ۽ قيدين جي ڪهاڻي

0
204
“مسئلا گھر بڻيل” سول اسپتال ڪراچي ۽ سرڪار جون دعوائون!!

فقير سليم ڪراچي مان لکي ٿو

ڪالهه ڪراچي جي سينٽرل جيل ۾ جيل انتظاميا پاران ايڪتا ڏهاڙي جي مناسبت سان ثقافتي پروگرام رکيو ويو هو، جنهن جي ڪوريج ڪرڻ لاءِ ۽ پهريون ڀيرو جيل ۾ رقص ۽ راڳ ٻڌڻ جو موقعو مليو، جيل جو لفظ ٻڌڻ سان ئي  لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا، مختلف ڪيسن ۾ ڏوهي توڙي بيڏوهي ماڻهن جي موجودگي واري انهي هنڌ کي جيتوڻيڪ هاڻي اصلاح گهر چيو وڃي ٿو، جتي  بيرڪن جي اندر سالن کان ڏينهن ۽ راتيون هڪ ئي هنڌ گذاريندڙ هزارين ماڻهن جي زندگي انهي قيد خاني سان تيستائين جڙيل رهي ٿي، جيستائين سندن آزادي وارو خواب پورو ٿئي. ڪالهه ايڪتا ڏهاڙي جي ڪوريج جي سلسلي ۾ وڃڻ دوران ڪجهه قيدين سان ڪچهري جو به موقعو مليو، انهي دوران ڪيتريون ئي دلچسپ ڪهاڻيون سامهون آيون، يقينن هر شخص ڪهاڻي آهي، هر ماڻهو جي پنهنجي پنهنجي درد ڪٿا آهي،

پر قيدين جي دنيا باقي سڀني کان مختلف آهي. قيدي جيڪي مختلف شهرن مان مختلف ٻوليون ڳالهائڻ وارا آهن، پر هڪ ئي بيرڪ ۾ گهر ڀاتين جيان رهن ٿا، اهي سڀئي هڪ ٻئي لاءِ اجنبي هجڻ باوجود هڪ ٻئي جي ڏک سک جا ساٿي به هجن ٿا، انهن قيدين ۾ سزا يافته قيدين کان وٺي ڪچن قيدين تائين ڪالهه سڀئي جيل جي ديوارن پٺيان گونجندڙ سنڌ جي قومي گيتن تي سراپا رقص هئا، انهن ۾ ڪيترائي اهڙا قيدي به شامل هئا، جن کي شايد سنڌي گيت سمجهه ۾ نٿي آيا پر ان باوجود موسيقي جي مزي مان لطف اندوز ٿي نچي رهيا  هئا. ايڪتا ڏهاڙي جي مناسبت سان هن تقريب ۾ جيل جي اڱڻ تي موجود قيدين مان اڪثر قيدي ۽ پوليس اهلڪار توڙي عملدار ثقافتي لباس ۾ هئا، جيتوڻيڪ آزادي جي نعمت کان محروم ۽ پوليس جي پهري هيٺ صبح کان شام تائين گذاريندڙ انهن قيدين جي اندر جي تڪليف جو اندازو لفظن مان لڳائڻ ڏکيو آهي پر سندن چهري تي مرڪ ۽ خوشي ڏسي اهو  احساس پئدا ٿئي ٿو ته کن پل ئي صحيح پر خوشي انسان جي ڏکن تي پردو رکي ڇڏي ٿي.

جيل انتظاميا پاران سينٽرل جيل جي اندر سمورين ديوارن تي سنڌ جي مختلف شاعرن جي شاعري لکرائي وئي هئي ته ساڳئي وقت انهن ديوارن تي ثقافتي رنگ پڻ چٽيل هئا، جيل سپرنٽينڊنٽ حسن سهتو جو چوڻ هو ته اڄوڪي انهي تقريب جو مقصد پنهنجي قومي عيد ٻارن سان گڏ ملهائڻ کان محروم قيدين کي پنهنجي قومي ايڪتا سان ڳنڍڻ آهي، جيئن اهي به پنهنجي قومي عيد ملهائي سگهن، انهي لاءِ جيل ۾ هي تقريب رٿي وئي آهي. هن چيو ته جيل ۾ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ قيدي رهن ٿا پر سنڌ ۾ رهندڙ هر ماڻهو سنڌ واسي آهي، انهي ڪري اڄوڪي تقريب مان سمورا قيدي لسانيت کان هٽي ڪري قومي گيتن تي رقص ڪن پيا. آءِ جي جيلز قاضي نذير جو چوڻ هو ته جيل ۾ موجود قيدين جي احساسن ۽ خواهشن کي نظر  ۾ رکندي اسان ڪوشش آهي ته انهن کي پنهنجي ثقافتي ڏهاڙي جي نالي تي تفريح جو موقعو مهيا ڪريون،

جيل ۾ جڏهن قومي راڳي احمد مغل سرن جي ورکا ڪئي ته قيدين جي اندر ۾ موجود سمورا ڏک کن پل لاءِ لهي ويا ۽ انهن قومي گيتن تي رقص مان ڀرپور مزو ماڻيندي پنهنجي قومي ڏهاڙي جي اهميت اجاڳر ڪئي، رقص ڪندڙ قيدين ۾ شامل جڏهن امر پيرزادو سان ڳالهايوسين ته هن جي اندر ۾ پنهنجي آزادي کان وڌيڪ وطن جي ماڻهن سان محبت جو جذبو هو. هن جو چوڻ هو ته سندس اکين ۾ سنڌ ڌرتي جي خوشحالي ۽ آجپي وارو خواب جيئن جو تيئن جوان آهي ۽ جيل جون سلاخون سندس همت کي مات نٿيون ڏئي سگهجن. ٻلهڙيجي جو هي نوجوان پنهنجي ساٿين سان گڏ اسٽيج سيڪريٽري طور فرض سرانجام ڏئي رهيو هو،  جڏهن ته شاعر مهر ڊٻائي شاعري ٻڌائي ماحول گرمايو، ڪراچي جي سينٽرل جيل ۾ قيد بادل جوکيو جي به ڪهاڻي درد ڀري هئي، سنڌي ٽوپي ۽ اڇو وڳو پهريل جواني سان ڀرپور هن نوجوان جو چوڻ هو ته کيس سياسي بنيادن تي نشانو بڻائي، ڪوڙي قتل ڪيس ۾ ڦاسايو ويو آهي،

جنهن جي کيس عمر قيد سزا آئي آهي ۽ انهي سزا خلاف اپيل هلندڙ آهي، اهڙي ريت بادل سان گڏ موجود هڪ قيدي ٻڌايو ته هو هن وقت گذريل 11 سالن کان قيد آهي پر انهي کان اڳ به هو جيل ايندو رهيو آهي، پاڻ کي عادي ڏوهاري چوندي هن چيو ته هن وقت جنهن ڪيس ۾ هو قيد آهي، اهو  ڏوهه  ناهي ڪيو، جيل جي انتظامن بابت قيدين جي راءِ پازيٽو هئي، صفائي سٿرائي جيل ۾ ظاهري طور نظر آئي پئي پر باقي سهولتن مان به قيدي مطمئن نظر آيا پئي. بادل سان گڏ موجود سندس ساٿي قيدي ٻڌايو ته جيل کي هاڻي اصلاح گهر جو نالو ڏنو ويو آهي ۽ هاڻي قانون به ٺهي ويو آهي، هن کي جيل جي حوالي سان وڏي ڄاڻ هئي، سندس چوڻ هو ته اڳي جيل ۾ جيڪو  قيدين سان اهلڪارن جو رويو هوندو هو، هو انتهائي خراب هوندو هو، ماني به صاف سٿري نه هوندي هئي پر هاڻي گذريل 10 سالن کان جيل ۾ وڏي تبديلي آئي آهي، قيدين تي تشدد نٿو ٿئي ۽ کين ماني صاف سٿري کارائي وڃي ٿي، هن جي اکين ۾ لڙڪ تڏهن ڀرجي آيا جڏهن هن ٻڌايو ته جيل ۾ سهولتون ڪيتريون به هجن پر اولاد جي ياد ڏکارو ڪري ٿي وجهي. بقول هن جي کيس 6 ٻارن جو اولاد آهي، موسيقي جي پروگرام مان لطف اندوز ٿيڻ کانپوءِ سندس انهن لفظن هڪ لمحي لاءِ مونکي به ڏکارو ڪري ڇڏيو، ايئن قيدين جي ڏکن واري زندگي ۾ ڪالهوڪي ايڪتا تقريب چند لمحن لاءِ خوشين جو سبب بڻيل رهي.