سيالڪوٽ واقعو: جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروايون جاري آهن: پوليس

0
352
سيالڪوٽ واقعو

ڪراچي(م ڊ) سيالڪوٽ ۾ سريلنڪن شهري جي مارجي وڃڻ کانپوءِ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس جون ڪارروايون جاري آهن، پوليس ترجمان موجب جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا ۽ ڪارروايون رات کان جاري آهن، رات دير تائين 50 کان وڌيڪ هنڌن تي ڇاپا هنيا ويا

پنجاب پوليس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته واقعي کانپوءِ حراست ۾ ورتل جوابدارن کان جاچ ڪئي پئي وڃي، جن جي نشاندهي تي ٻين جوابدارن جي گرفتاري ۾مدد ملي رهي آهي

پنجاب پوليس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته واقعي جي وڊيوز جي مدد سان به جوابدارن جي سڃاڻپ ۽ ڳولا جو عمل جاري آهي

ٻئي طرف اسلام آباد ۾ سريلنڪن پرڏيهي وزارت جي ترجمان سگيس واراگونارانتي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته هو پاڪستاني اختيارين سان واقعي جي تفصيلن جو جائزو وٺي رهيا آهن ۽ اميد آهي ته پاڪستاني اختياريون جاچ ۽ انصاف کي يقيني بڻائڻ لاءِ ضروري قدم کڻندا

ياد رهي ته گذريل ڏينهن اسپورٽس گارمينٽ فيڪٽري جي غير مسلم سريلنڪن مئنيجر پريانٿا ڪمارا تي فيڪٽري ملازمن مذهبي پوسٽر هٽائڻ جي الزام ۾ حملو ڪري باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو هو

ھي به پڙھندا

سيالڪوٽ ۾ مشتعل هجوم سريلنڪا واسي مينيجر کي ماري باهه ڏيئي ساڙي ڇڏيو