ثقـافت ۾ ڪـثافت

0
301
ثقـافت ۾ ڪـثافت

 سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ جن به سنڌي آفيسرن کي غير سنڌين سان هڪ ئي اداري ۾ ڪم ڪرڻ جو اتفاق ٿيو آهي سي چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿا ته ڪيئن کين طرح  طرح جي سازشن، تعصب ۽ طنزيا فقرن جو نشانو بڻايو وڃي ٿو. جيڪو هڪ طويل ۽ ڌار داستان آهي پر هتي اهو ذڪر ان ڪري جو موضوع جو تعلق سروس دوران پيش آيل لقاءُ يا مُحرڪ سان آهي، آفيس ۾ هڪڙو غير سنڌي طنز وچان گهوڙا ڙي گهوڙا جو ورد پڙهي اک ٽيٽ ڪري ڏسي پيو مُشڪندو هو ۽ آئون ان کي درگذر ڪندو هوس، جو چوندا آهن ته ڪتو ڀؤنڪندو رهي فقير رمندو رهي. اياز چواڻي:

غير  ته  آخر غير  ئي رهندو غير تي  ناهي ڪائي  ميار

جاڳالهه ٿي ماري سا ٿي ماري پنهنجي ديس جي يارن جي

 سو وري جڏهن پنهنجي ئي هڪ سنڌي سياستدان کي ڪنهن جلسي ۾ تقرير ڪندي ٻُڌم ته مدد خان پٺاڻ جي سنڌ تي ڪاهه مهل سندس گهوڙن جي سُنبن هيٺان لتاڙجندڙ لشڪر ۾ جڏهن ٽاڪوڙو پئجي ويو هو ته خوف ۾ ورتل سپاهين اهي لفظ ورجائڻ شروع ڪيا ته “گهوڙا ڙي گهوڙا” هن صاحب به اهائي ساڳي ڌارين واري من گهڙت تاؤيل پئي ورجائي.. لڳو پئي ته شايد هو به اٽو ڏئي پڙهيو هو، بهرحال اهڙيون ڪيئي ڇسيون، بي بنياد تاؤيلون، تذڪرا ۽ روايتون سنڌ جي اڏول ۽ غيرتمند ڌرتي ڌڻين سان منسوب ٿينديون رهيون آهن. انهن ڪڌن ڪرتوتن ۾ جتي ڌاريا پيش پيش آهن ته اتي سادگي ۽ ڀورائيءَ ۾ سنڌ جي پنهنجن ڪِن عالمن به بنا تحقيق ۽ تصديق جي اهڙن تذڪرن کي اکيون ٻوٽي اصل جيئن جو تئين کڻي پنهنجين لکڻين ۾ آندو آهي،

ان لاءِ ڪهڙا کڻي حوالا ڏجن، “ڪُل پيران دا خير” گوڙا ڙي گوڙا جي محاوري کي ڪٿي ڀٽائي سائين جي حياتيءَ ۾ 1839ع ڌاري نادر خان پٺاڻ جي حملي جي حوالي سان ته ڪٿي وري 1881ع ۾ مدد خان پٺاڻ جي ڪاهه جي تذڪري سان جوڙيو ويو آهي جنهن لاءِ ڪنهن به ڪتاب ۾ ڪابه مستند روايت يا حوالو ڏنل ناهي. بلڪل ايئن جيئن اڪثر روايتن جي لاءِ تبليغي چوندا آهن ته “بُزرگون سي سُنا هي” تيئن لکندڙن به ان کي هر هنڌ ٻُڌَ سُڌَ تي ٻڌل “عام روايت” ڪري لکيو آهي. “ڳُڄهارت ڳُجهڙي جنهن جو ڪن نه پُڇڙي“قومي تذليل جي حد تائين پهتل اهڙي افسوسناڪ صورتحال ۾ ايئن کڻي چئجي ته پنهنجي وڍيءَ جو نه ويڄ نه طبيب، افسوس ان لاءِ به ته ڪنهن به صاحبِ ڪتاب جو ڌيان ان پاسي نه ويو ته اهو مُروج محاورو ڪٿي “گهوڙا ڙي گهوڙا” بدران “گوڙا ڙي گوڙا” هُجي جنهن کي “گ” بدران پوءِ “گهه” سان لکت ۾ آڻي غلط زاويي ۽ معنيٰ ۾ ورتو ويو هجي.

ثقافت ۾ ڪثافت

ڪاهي جو پئي آ،

ڪُڇئون ڪنهن سان آخر،

وڃون   ڪهڙي   پاسي.                                                                                                                                   (مظفر)

هڪ منظر جو مثال: ڪوچوان جي گهر ۾ چُلهه تي چڙهيل ڪُنو جي اُڀامي پوي، ان سان ٻرندڙ چُلهه به اُجهامي وڃي ۽ ان ٻٽي زيان تي گهر جي ڪا عورت روايتي مقولو “اَئي گوڙا” چوي ته افسوس جي اهڙي اظهار کي صرف ڪوچوان يا ٽانگي واري جي گهر هئڻ ڪري سطحي نسبت ناتي “گهوڙي کي سڏ” سان تعبير ڪجي، ڳنڍجي يا جوڙجي ته ان تي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو. سو سنڌي ٻوليءَ جي نزاڪت ۽ نواڻ کي سامهون رکندي لفظن کان وٺي لهجن کي منظر ۽ پس منظر ۾ گهرائي سان ڏسڻ جي گُهرج آهي ۽ اهو ضروري آهي ته سنڌ جي ادبي اتهاس ۾ اهڙن حوالن، مُحاورن مقولن ۽ مُرڪب لفظن جو گهڻ پاسائون  اِڀياس ڪجي. ان لاءِ اسانکي پنهنجي ادبي اتهاس کي ئي سونهون بڻائڻو پوندو ته جيئن کرو ۽ کوٽو ڪنهن پئماني تي پڌرو ٿي سگهي، شاعري، اسان وٽ بهترين پئمانو ٿي سگهي ٿي. جنهن ۾ اسانکي سنڌي ٻوليءَ جي عالمن ۾ هڪ منفرد ۽ محسن عالم ڀٽائي سائين نظر اچي ٿو. سندن هڪڙو بيت آهي ته؛

گهڙي لڳي گهڙيال کي، گهڙيال ڪئي گوڙا،

 ٻڌئي ڪين ٻوڙا، اِها گهڙي به گهٽ ٿي.

يا وري ٻئي هنڌ فرمائين ٿا ته:

وحدهُ لا شريڪ لهُ ٻڌئي ڪِين ٻوڙا،

ڪه تو ڪَنين نه سُئا، گهٽ اندر گوڙا.

ڳاڙهيندين ڳوڙها جڏهين شاهد ٿيندئي سامهان،

 مٿين بيتن مان پهرئين بيت ۾ لفظ گوڙا جو تعلق هڪڙي هَڪل، امڪاني نقصان کان اڳ آگهي يا ڄاڻ جي اعلان سان ته ٻئي بيت ۾ گوڙا جو لاڳاپو اِيذاءُ، اَهنج، ڪوڪ يا ڪيهه واري نوبت ۽ نهج جي ذڪر ذريعي خبردار ڪرڻ سان آهي.

عام طور گوڙ يا گوڙا مان مُراد وڏو هُل يا آواز آهي،  اهڙو آواز جيڪو ڪڪرن منجهه هڪدم پيدا ٿيندڙ خالن جي ڀراءُ لاءِ جُھلَ يا ڊوڙ جي نتيجي طور گوڙ جو هجي يا ڪنهن ڌماڪي يا طوفان جو.

سچل سائين جو بيت آهي ته؛

اتران اوري ڪئي، چمڪڻي چمڪاٽ،

اتان ڪيائين اوچتي، لسٻيلي تي لاٽَ،

منڊل ٿيا مڪران تي، گوڙن جا گڙگاٽ،

ڪڪرن مٿان ڪيچ جي، ڦڙڪي کاڌا ڦاٽ،

وري ورتئون واٽ، سچل سائي سنڌ جي.

اهڙي طرح خليفي گُل محمد “گُل” جو بيت آهي ته؛

هڪ طرف گاجون ۽ گوڙون، ٻئي طرف کنوڻيون کِنوَن،

مينهن ٽَه ٽَه ڪيو ٽُمن، باهيون ٻرن چؤڏس هزار.

ڪلاسيڪل شاعريءَ کان سواءِ روايتي گيتن جهڙوڪ “هڪ سون جو رپيو الاڙي الا!.” “گوڙا گوڙا منهنجي زال ڪري ٿي طال” ساڳئي انداز سان “ائي” مور ڙي الا الا، مورڙي الا الا، لڳو من مارن سان” ۾ پڻ اسان کي انهن فِقرن يا مُرتب لفظن جو استعمال ملي ٿو. اهڙن لفظن کي جي ڪو اکرن جي ڦيرگهير سان مثال: “گ” بدران “گهه” سان لکڻ جي چُڪ ڪندو ته صنف، موضوع ۽ گهاڙيٽي جي شناسائي ان کي پڌرو ڪري وجهندي.

 اهو ته ٿيو هڪڙو پاسو، ٻئي طرف گوڙ جي معنيٰ سان مُرتب لفظ “گوڙا ڙي گوڙا” کي جي گرامر جي آئيني ۾ ڏسبو ته اهو اسانکي اسم ذات جي سهاري ضمير جي نِدائي حالت يا بيهڪ ۾ ملي ٿو.

 گوڙا (هُل، هڪل) ڙي (اڙي)

ساڳئي ريت؛

ھَلَ ڙي: مخاطب سان ڪنهن غير روايتي لقاءُ بابت اِظهار

هَلِ ڙي: مخاطب سان ڌِڪار جو اِظهار

الاڙي/ اداڙي: ايذاءُ جو اظهار، مدد لاءِ پُڪار

واهه ڙي واهه: مُخاطب کي ساراهڻ (پهرئين واهه تي زور سان)

واهه ڙي واهه: مُخاطب کي ميار ڏيڻ (پوئين واهه تي زور سان)

هن مُختصر مضمون ۽ مثالن جو مقصد، هيءَ ڳالهه چٽي ڪرڻ آهي ته ان هَڪل (Caution) ”هاءِ گوڙا يا گوڙا ڙي گوڙا !” جو تعلق نادر خان يا مدد خان جي گهوڙن (جانورن) سان نه پر سُجاڳيءَ جي سڏ سان آهي ۽ ادبي  اِتهاس ۾  اِها تصحيح  اِنتهائي اهم آهي ۽ آخر ۾ ھڪ دفعو وري ورجايون ته سنڌ جي ادبي  اِتهاس ۾آيل اهڙن حوالن، مُحاورن، مقولن ۽ مُرتب لفظن جو گَهڻ پاسائون اڀياس ضروري آھي ۽ ان لاءِ عالمن کي وينتي آھي.

اُميد ته هيءَ ننڍڙي ڪاوش کَکر ۾ کَڙو نه پر بيٺل پاڻيءَ ۾ پٿر ثابت ٿيندي.