خيرپورناٿن شاهه (رپورٽ ارشاد کوسو ) خيرپورناٿن شاهه ۾ آمر ضياء الحق جي آمريت خلاف جمهوريت جي بحالي واري تحريڪ ايم آر ڊي تحريڪ دوران خيرپورناٿن شاهه ۾ شهيد ٿيندڙ 9 شهيدن شهيد شاهنواز کوسو ، شهيد حبيب الله لغاري ، شهيد نظام الدين نائچ ، شهيد غلام نبي کوسو ، شهيد ضمير جاگيراڻي ، شهيد الهورايو لانگاهه ، شهيد عبدالغني ابڙو ، شهيد ديدار کوکر ، شهيد  عبدالعزيز لاکير جي 38 ورسي ملهائي وئي، ان ڏس ۾ پيپلزپارٽي خيرپورناٿن شاه  طرفان مقامي هوٽل تي ننڍڙي پئماني تي پروگرام منعقد ڪيو ويو، پروگرام ۾ 70 کان 80 ڪرسين رکرايون ويون. ڪارڪن ويهڻ لاء ڪرسيون نه هجڻ جي ڪري سخت گرمي ۾ بيٺا رهيا، جڏهن ته ورسي تقريب ۾ شهيدن جي وارثن کي دعوت نه ڏني وئي.  ورسي تقريب ۾ پيپلزپارٽي جي ايم اين اي عرفان ظفر لغاري، زبير احمد جوڻيجو، نور محمد چانڊيو، غلام دستگير ڳورڙ، جميل مهيسر، هاشم لانڊر، شبير گاڏهي، اسلم چانڊيو، شفيع جنجھه، مختيار کوسو، ظفر ٻگهيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ايم اين اي عرفان ظفر لغاري خطاب ڪندي چيو ته اسان شهيدن کي نٿا وساري سگهون شهيد اسان جي پارٽي جو اثاثو آهن هن چيو ته اسان هر دور ۾ شهيدن جي وارثن جي سهائتا ڪئي آهي انهن جي پوئرن کي وڏي وزير سيد قائم علي شاه 2008 ۾ نوڪرين جا آرڊر ڏنا هيا اڃان به اسان انهن جي پڙهيل نوجوانن کي نوڪرين جا آرڊر ڏينداسين هن چيو ته هاڻي جيڪي به  اسڪول اسپتالون جيم خانو ۽ ٻيون تعمير ٿيندڙ بلڊنگن روڊ انهن جا نالا شهيدن جي نالن سان منسوب ڪيا ويندا هن چيو ته نيازي حڪومت اعلان ڪيو هيو ته هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيندا سين ۽ 50 لک گهر تعمير ڪرايا ويندا. نيازي سڀ ڪوڙ ڳالهايو روزگار نه ڏنو ويتر هزارين ماڻهن کي نوڪرين مان لاهي انهن کي بيروزگار ڪيو ويو هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري مونکي 98 نوڪرين جا آرڊر ڏنا آهن ايم پي اي عبدالعزيز جوڻيجو ايم اين اي رفيق جمالي ۽ تنظيم کي پڻ آرڊر ڏنا ويا آهن جيڪي جلد ڪارڪنن کي ميرٽ تي ڏيندا سين ، اڳواڻن چيو ته هزارين ماڻهن کي نوڪرين مان برطرف ڪرڻ واري عدالتي فيصلي تي چيف جسٽس صاحب نظر ثاني ڪري انهن ملازمن کي بحال ڪيو وڃي هن چيو ته اسان قيادت سان ڳالهائيندا سين ته ايم آر ڊي جي شهيدن جي نالن سان اسڪول اسپتالون روڊ منسوب ڪيا وڃن، تقريب کي ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو جڏهن ته تقريب کان اڳ شهيدن جي ايثال ثواب قرآن خواني ڪرائي وئي ، تقريب ۾ پ پ جي مرڪزي اڳواڻ الحاج ظفر لغاري ، ايم آر ڊي جي اسير راجا بشير ٻگهيو جي لاڏاڻي تي مغفرت لاءِ خصوصي دعا گهري وئي.