ڪوٽڙي (رپورٽر) ڪوٽڙي سائيٽ جي ڳوٺ اسماعيل شورو جي ڳوٺاڻن پاران ڳوٺ جي زمين تي قبضي ۽ گھر ڊاھڻ خلاف ڳوٺاڻن احتجاجي مظاھرو ڪري بااثر لينڊ مافيا خلاف نعري بازي ڪئي، يار محمد، محمد عزيز، پيارو  شورو، ستار شورو ۽ ٻين چيو ته ڳوٺ اسماعيل شورو ڳوٺ 1947 کان قائم آھي، جنھن تي لينڊ مافيا جي بااثر ماڻھن قبضو ڪري ڳوٺ جا گھر ڊاھي ڇڏيا آھن، جيڪا سراسر ناانصافي آھي، ھنن چيو ته بااثر لينڊ مافيا ڳوٺ جي ماڻھن کي ڌمڪائي رھيا آھي ته زمين خالي ڪيو ٻي صورت ۾ توھان مٿان ڪيس داخل ڪيو ويندو،  ھنن وزير اعلي سنڌ چيف جسٽس سنڌ ھاء ڪورٽ کان مطالبو ڪيو ته بااثر لنيڊ مافيا جي ماڻھن خلاف ڪاروائي ڪري ڳوٺ جي زمين تان قبضو ختم ڪرايو وڃي.