اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ اڄ کان ايل پي جي مهانگي، گهريلو سلينڊر جي قيمت ۾ 95 رپيا واڌ، تيل اگهه برقرار رکڻ جو اعلان ڪيو ويو، ملڪ ۾ اڄ کان ايل پي جي جو گهريلو سلينڊر 94 رپيا 89 پيسا مهانگو ڪيو ويو آهي. اوگرا جون لاءِ ايل پي جي جي نون اگهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب في ڪلو ايل پي جي 8 رپيا مهانگائي ڪري 11.8 ڪلو گرام جي گهريلو سلينڊر جي نئين قيمت 1667 رپيا 29 پيسا مقرر ڪئي وئي آهي. پهرين جون کان في ڪلو ايل پي جي جو اگهه 141 رپيا 29 پيسا ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف ناڻي وزارت پاران باضابطه طور تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم عمران خان فيصلو ڪيو آهي ته پيٽروليم شين جون قيمتون 17 مئي واريون پهرين جون کان 15 جون تائين ساڳيون رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن ڪري پيٽرول جي في ليٽر قيمت ساڳي 108 رپيا 56 پيسا، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي في ليٽر قميت ساڳي 110 رپيا 76 پيسا، لائيٽ ڊيزل جي في ليٽر جي قيمت ساڳي 77 رپيا 65 پيسا ۽ گاسليٽ جي في ليٽر جي قيمت ساڳي 80 رپيا برقرار رهندي، ان حوالي سان وزيراعظم جي خصوصي معاون شهباز گل چيو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ لڳاتار اضافو ٿي رهيو اهي، اوگرا هن ڀيري به في ليٽر تي 8 رپيا 86 پيسا تائين قيمتون وڌائڻ جي تجويز ڏني هئي پر ان تجويز کي وزيراعظم منظور نه ڪيو، مهانگائي خلاف وزيراعظم جي قدمن جي تسلسل ۾ پيٽرولين شين جي قيمتن ۾ ڪنهن قسم جو اضافو نه ٿيندو.