لاهور (انٽريسٽنگ نيوز) ملتان کان لورالائي روڊ تي هڪ قديم لوهه جي پل آهي جيا ايشيا جي ٻئي وڏي لوهي پل قرار ڏني ويندي آهي، سڀ کان وڌي پل چين ۾ واقع آهي. ڊيره غازي خان کان فورٽ منرو ويندي اها پل اچي ٿي جنهن جي خاص ڳالهه اها آهي ته اها جاپان ۽ پاڪستان جي انيجنيئرز جو ڪارنامو آهي. هن علائقي ۾ لوهه جون ننڍيون وڏيون 8 پلون آهن. هتي جا روڊ سوڙها آهن ۽ اڪٿر هڪ ئي گاڏي گذري سگهندي آهي پر ڪٿي ڪٿي روڊ ويڪرا به آهن. هن روڊ تان مال بردار گاڏيون وڌيڪ گذرن ٿيون، سنسان علائقو آهي پر روڊ ڪناري ڪٿي ڪٿي دڪان به ٺهيل آهن جتان کاڌي پيتي جو سامان به ملي سگهندو آهي، سيڪورٽي جو به ڪو مسئلو نه آهي ۽ سياح بنا رنڊ روڪ جي اچي سگهن ٿا. روڊ جي هڪ پاسي جبل ۽ ٻئي پاسي گهري کاهي آهي، قدرتي نظارا خوبصورت آهن. پل جي ويجهو ور وڪڙ کائيندڙ روڊ خوبصورتي کي وڌايو ڇڏي. اهي لوهي پلون 150 فٽ تائين اوچيون آهن. ڊي جي خان کان 50-60 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي اها پل واقع آهي. هتان جي آبهوا صاف ۽ ماحول گدلاڻ کان پاڪ آهي. جاپاني اداري جائڪا ان پل لاءِ سڀ کان گهٽ وياج 0.2 سيڪڙو تي قرض ڏنهو، جيڪو 40 سالن ۾ ادا ڪرڻو پوندوانهن پلن جو مدو 100 سال آهي ۽ احتياط سان ان مدي ۾ اڃا به واڌ ڪري سگهجي ٿي.