ڀٽ شاهه/هالا (نمائندن وٽان) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو پيادل “سنڌ مارچ” هالا بعد ڀٽ شاهه پهچي ويو، شاندار استقبال، گلن ورکا، ان ڏس ۾ مھانگائي، بدامني، ڪرپشن ۽  ڊجيٽل آدمشماري خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو سکر کان نڪتل لانگ مارچ ارڙنھن ڏينھن جو پنڌ ڪري ھالا پھچي ويو، لانگ مارچ روشن ٻرڙو، جگديش آھوجا، امير آزاد پنهور، سيد شير محمد شاھ، امير علي ٿيٻو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٻاروچو باغ اسٽاپ پھتو،  ف ليگ اڳواڻ نصير احمد ميمڻ ۽ عوامي اتحاد جي اڳواڻن مارچ ۾ شريڪ اڳواڻن مٿان گلن ورکا ڪري شاندار استقبال ڪيو، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سڄي سنڌ ۾ تبديلي جي شروعات ٿي چڪي آهي، ھنن چيو ته پ پ سنڌ جي حقن جي لتاڙ ڪئي آھي. پنھنجي مفادن خاطر سدائين سنڌ ڪارڊ کيڏيو آھي، ھاڻ وقت اچي ويو آهي ته  عوام دشمن پاليسيون   جوڙيندڙ حڪمرانن کي گهر ڀيڙو ڪيون، لانگ مارچ ھالا ۾ ٿورو وقت ترسڻ بعد ڀٽ شاھ طرف روانو ٿي ويو، هوڏانهن ايس يو پي جو لانگ مارچ ڀٽ شاھ  پهچڻ تي پير آف ڀٽ شاھ سيد گداحسين شاهه لطيفي جي اڳواڻي ۾ پيادل مارچ جو شاندار استقبال ڪيو ويو.  اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي گلن جي ورکا ڪئي وئي، مارچ رات ڀٽ شاھ ۾ پير آف ڀٽ شاھ سيد گداحسين شاهه لطيفي وٽ ترسڻ بعد صبح جو پنهنجي منزل طرف روانو ٿيندو. اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته حڪمران سنڌي قوم کي ماني ڳڀي لاءِ به پريشان ڪري ڇڏيو آھي، مھانگائي سبب بدامني به وڌي وئي آهي،  حڪمرانن کي  پرواهه ناهي، ڊجيٽل آدمشماري ڪرائي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي.