ڪراچي: ٽائيم نيوز ڊجيٽل پليٽ فارم جي ٽيم ابراهيم حيدري ۽ ٻين علائقن سان واسطو رکندڙ مختلف مهاڻن سان رابطو ڪيو، جن نالو نه لکڻ جي شرط تي ٻڌايو ته پاڪستان فشر فوڪ فورم ڌڙا بندي جو شڪار ٿيڻ سان مهاڻن کي نقصان ٿيو آهي، هاڻ هي ٻئي ڌڙا رڳو هڪٻئي خلاف احتجاجن ۾ پورا هوندا، هڪٻئي تي الزامن ۾ پورا هوندا، مهاڻن جا مسئلا ڪير حل ڪرائيندو؟