بڊاڻي (ن پ ا) بڊاڻي جي مک بازار مرتضيٰ ڀٽو چوڪ وٽ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ صابر پُٽ سخيرو بنگوار موقعي تي قتل ٿي ويو.فائرنگ سبب شهرين ۾ ڀاڄ پئجي وئي.مقتول نوجوان مٿان سندس نياڻي اوڇانگرو ڏئي روئيندي رهي، هٿياربندن فائرنگ ڪندا بڊاڻي ٿاڻي جي اڳيان گذري فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.شهري ۽ وارث لاش بڊاڻي ٿاڻي کڻائي ويا، جتان اسپتال منتقل ڪيو ويو.پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.پوليس موجب بنگوار ۽ ڊومڪي برادري ۾ هلندڙ تڪرار تان نوجوان قتل ٿيو آهي.بنگوار برادري اڳ ڊومڪي برادري جا ٻه نوجوان قتل ڪري چڪي آهي.ڊومڪي برادري جي ماڻهن پلاند ۾ بنگوار برادري جي نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪيو آهي.ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار تان قتل ٿيل جو انگ وڌي 3 ٿي ويو.وارثن مقتول جي والد سخيرو بنگوار، جان محمد ۽ عبدالمجيد بنگوار  مياڻي ٿاڻي اڳيان لاش رکي ڌرڻو هنيو.هنن چيو ته اسانجو نوجوان معصوم  بيمار نياڻي کي علاج ڪرائڻ شهر وٺي ويو هو. ڊومڪي برداري جي ماڻهن کيس بيگناهه قتل ڪيو آهي.اسان جو جهيڙيندڙ ڌرين سان ڪو تعلق ناهي.هنن وڌيڪ چيو ته جوابدارن کي پوليس جا سرڪاري هٿيار هئا ڊومڪي برادري جا ماڻهو  پوليس اهلڪار هئا.