باھو کوسو(ن پ ا) باھو کوسو لڳ ڳوٺ خادم حسين بگٽي ۾ 11 ھزار ولٽيج جي تارن مان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان رفيق احمد بگٽي بيھوش ٿي ويو، جنھن کي سول اسپتال ٺل نيو پئي ويو ته ھو رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو، اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.