اوٻاوڙو (ن پ ا) ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي محمد عثمان عبداﷲ اوٻاوڙو جي پٺتي پيل ڳوٺ ابراهيم شر ۾ موٽرسائيڪل هلائي پنهنجي پيرسن والد ۽ گهروارن جو سهارو بڻجندڙ 15 ورهين جي فرزانه شر ۽ 12 ورهين جي ناديه شر کي پنهنجي آفيس ۾ گهرائي اجرڪ پارائي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ پنهنجي طرفان کين 10_10 هزار رپيا انعام پڻ ڏنو، ان موقعي تي ڊي سي چيو ته ضلعي جي پٺتي پيل علائقي ۾ نينگرين پاران موٽرسائيڪل هلائڻ غيرمعمولي ۽ مثبت ڳالهه آهي، جنهن سان ٻين نينگرين کي به حوصلو ملندو، هن چيو ته نياڻين کي خراج تحسين پيش ڪري انعام ڏيڻ جو مقصد سندن حوصلا افزائي ڪرڻ آهي.