ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ پوليس اشتهاري جوابدار ارصلاح بنگوار کي وين اسٽينڊ ڀر سان چيڪنگ دوران گرفتار ڪري ورتو، پوليس روپوش اشتهاري جوابدار کي گرفتار ڪرڻ بعد پوري شهر جو گشت ڪرايو، جنهن دوران وڏي انگ ۾ ماڻهو گڏ ٿي ويا ۽ وڊيوز ٺاهيندا رهيا. ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ هو ته روپوش اشتهاري جوابدار ار صلاح بنگوار 3 پوليس اهلڪارن جي قتل ڪيس سميت ڪيترن ئي سنگين ڪيسن ۾ گهربل آھي. پوليس موجب جوابدار پوليس کي ڏسي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران پيڇو ڪندي کين پڪڙيو ويو.