ڏهرڪي (رپورٽ: اعظم سهرياڻي) اوٻاوڙو ۾ ڊيٽو نيٽر ڦاٽڻ سبب هڪ ٻارڙو مارجڻ ۽ ٽي ٻار زخمي ٿيڻ واري مامري جي ڊي آءِ جي سکر پاران جوڙيل ڪاميٽي جاچ مڪمل ڪري ورتي آهي، اوٻاوڙو ٿاڻي جي ٻن اڳوڻن منشين کي ذميوار قرار ڏنو ويو آهي. اي ايس پي ميرپور ماٿيلو جهانداد، ڊي ايس پي عطا سومرو ۽ حافظ عبدالقادر چاچڙ اوٻاوڙو جي اڳوڻي ايس ايچ او مختيار مزاري، ايس ايچ او حنيف کوسو، يار محمد بگٽي، وڏن منشين سجاد قاضي، نواب چاچڙ، رياض سيلرو، غلام محمد لغاري کي جاچ ۾ شامل ڪري انهن کان الڳ الڳ لکت ۾ بيان ورتا ويا هئا. جاچ ڪاميٽي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ته ان وقت جي وڏي منشي سجاد قاضي لاپرواهي جو مظاهرو ڪندي سال 2012ع ۾ پنجاب کان ايندڙ هڪ ڪوچ مان سون جي تعداد ۾ ڊيٽو نيٽر پڪڙيا هئا، پر انهن جي داخلا مال خاني جي رجسٽر ۾ نه رکي وئي هئي. رپورٽ موجب ٿاڻي جي مال خاني ۾ پيل ڌماڪيدار مادو ڊيٽونيٽرن کي ٻاهر اڇلائڻ سبب پيش آيو. ڏيڍ مهينو اڳ اوٻاوڙو جي ڊي ايس پي آفيس ڀرسان ٿاڻي جي مال خاني مان ٻاهر اڇلايل بارودي مواد ڊيٽو نيٽرن سان ٻارڙن پاران راند ڪندي ڌماڪو ٿيڻ سبب هڪ نينگر علي رضا لاڙڪ مارجي ويو هو، سندس ٻه ڀائر ريحان لاڙڪ، علي عباس ۽ سئوٽ ڪاشف زخمي ٿي پيا هئا،ريحان جون اکيون ۽ ٻانهون ضايع ٿي ويون. سال 2019 مال خاني جي مرمتي ڪم ڪرائڻ دوران ان وقت جي وڏي منشي نواب چاچڙ اهڙي مواد کي ٻاهر اڇلائي ڇڏيو هو.