ميرپورخاص (رپورٽر) پوڻا ٻه ارب رپيا جي منشيات ڪيس ۾ نامزد ايس ايچ او ميرواھ گورچاڻي ڪنور سنگهه واري ڪيس کي ھڪ مھيني کان وڌيڪ وقت گذرڻ باجود اينٽي نارڪوٽيڪس فورس چالان پيش نه ڪري سگھي. اينٽي نارڪوٽيڪس فورس حيدرآباد جا عملدار فرسٽ جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ٿيا، جتي ھنن عدالت کان استدعا ڪئي ته مک جوابدار ڪنور سنگهه روپوش ھئڻ جي ڪري گرفتار نه ٿي سگھيو آھي، جنھن سبب وڌيڪ جاچ نه ٿي سگھي آھي، سندس گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آھن، وڌيڪ وقت ڏنو وڃي، جنھن بعد عدالت 10 مئي تائين چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.