اوٻاوڙو( ن پ ا) اوٻاوڙو ڀرسان ڳوٺ حبيب لٻاڻو ۾ پلاٽ جي مالڪي تان لٻاڻا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب ٻنهي ڌرين جا 5 ڄڻا شديد زخمي ٿي پيا، حاجي نذير احمد لٻاڻو، اڪبر لٻاڻو، حسين بخش ۽ ٻي ڌر جا پوليس اھلڪار گل حسن ۽ اربيلو زخمين ۾ شامل آهن، پوليس ٻنهي ڌرين کي ليٽر ڏيئي علاج لاءِ تعلقي اسپتال اوٻاوڙو منتقل ڪري ڇڏيو جتي زخمين کي طبي امداد ڏني وئي.