ميرپورماٿيلو (رپورٽ: برڪت ميراڻي ) صحت کاتي گھوٽڪي ۾ جعلي ڀرتين جي الزام ۾ 6 ملازمن کي ڊي ايڇ او گھوٽڪي نوڪرين مان برطرف ڪري ڇڏيو آھي، برطرف ملازمن ۾ 2 جونئير ڪلارڪ، 2 وارڊ سرونٽ، 1 ڊسپينسر ۽ ھڪ ھيلٿ ٽيڪنيشن شامل آھن، ڊي ايڇ او ڊاڪٽر رزاق مرڻاس نوڪرين مان برطرفي وارا نوٽفڪيشنن جاري ڪيا آھن، جن ملازمن کي نوڪرين مان فارغ ڪيو ويو آھي انھن ۾ جونيئر ڪلارڪ توفيق چڌڙ، شبير احمد، وارڊ سرونٽ، جبار چڌڙ، مشتاق چڌڙ،ڊسپينسر آفتاب احمد، ھيلٿ ٽيڪنيشن برڪت علي شامل آھن برطرفي واري نوٽفڪشن ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته ملازمن جون ڀرتي ڪرڻ وقت سندس عمرون 13 کان 17 سالن وچ ۾ ھيون جڏھن ته سندس تعليمي سرٽفڪيٽ به جعلي آھن 2008 ۾ تڏھوڪي وقت جي ڊي ايڇ او جي جعلي صحيح ذريعي ڀرتيون ڪيون ويون، ملازمن کي شوڪاز ڏيڻ باوجود ھو پيش نه ٿيا آھن تنھن ڪري ھنن کي نوڪرين مان برطرف ڪيو پيو وڃي. ڊي ايڇ او رزاق مرڻاس رابطي ڪرڻ تي جعلي ڀرتين ۽ ھنن کي نوڪرين مان برطرفي جي تصديق ڪندي ٻڌايو جعلي ڀرتين جي حوالي سان وڌيڪ جاچ ھلندڙ آھي ملوث سمورن ڪردارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.