ميرپورماٿيلو (ن پ ا) ميرپور ماٿيلو ڀرسان ويٺل زميندار شمن بوزدار پريس ڪانفرنس  ڪندي پنھنجي پٽن مٿان کيس 4 ڏينهن قيد رکڻ جو الزام ھنيو آھي  سندس چوڻ ھو ته ٻن پٽن داد محمد ۽ علي رضا ملڪيت خاطر 4 ڏينھن قيد ڪري رکيو، وجهه وٺي ڀڄي نڪتو آھيان. هن خدشو ظاهر ڪيو ته پٽ لالچ ۾ اچي کيس قتل ڪري ڇڏيندا. هن پوليس اختيارين کان مطالبو ڪيو ته کيس تحفظ فراھم ڪيو وڃي.