عمران خان جو نئون پاڪستان روٽي، ڪپڙا مڪان کسي رھيو آھي، اھا تبديلي نه تباھي آھي: بلاول

0
585
عمران خان جو نئون

مورو (ن پ ا) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان جو عوام پريشان آهي، مزدور محنت ٿو ڪري پر ان اجورو نٿو ملي، ھارين کي اپت نه ٿي ملي، اھي بکيا پيٽ سمھي رھيا آھن، ھن ملڪ جا مستقبل نوجوان مشڪل ۾ آھن، تعليم حاصل ڪري ڊگريون ھٿن ۾کڻي ڌڪا کائي رھيا آھن ۽ روزگار نه ٿو ملي

مورو ۾ لانگ مارچ کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان ھميشھ ھن ملڪ جي غريب عوام جي مدد ڪئي آھي، مزدور ھاري اقليت نوجوان شاگردن لاءِ ڪم ڪيو آھي

هن چيو ته قائد عوام آيو ته اسان کي روٽي ڪپڙا ۽ مڪان جو نعرو ڏنو، شھيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو ان منشور تي ڪم ڪيو، نعرو مشھور ھو ته بينظير ايندي روزگار کڻي ايندي

هن چيو ته عمران خان جو نئون پاڪستان روٽي ڪپڙا مڪان کسي رھيو آھي، اھا تبديلي ناھي تباھي آھي، نئين پاڪستان جو اصل چهرو مھانگائي آھي

هن چيو ته پاڪستان پيپلز جي جيالن کي سلام پيش ڪريان ٿو ته توهان جي ٻن ڏينھن جي عوامي لانگ مارچ کانپوءِ ڪپتان جھڪي ويو ۽ پيٽرول جي قيمت ۾ ڏهه رپيا گھٽائي ڇڏيو

هن چيو ته ڪپتان جھڪڻ وارو نه ھيو پر عوامي سمنڊ کي ڏسي جھڪي ويو، اھو ٿا سمجھن پاڪستان جو عوام بي وقوف آھي اھي انھن جي ڊرامن کي نه ٿا سمجھن

هن چيو ته پيٽرول 12 رپيا مھانگو ڪيو ويو ۽ ھاڻي 10 رپيا گھٽايو ويو، بجلي 6 رپيا مھانگو ڪيو 5 رپيا سستو ڪري بي وقوف ڪن ٿا، اھو ڪٺ پتلي نه ھلندي ھاڻي تير ھلندو

هن وڌيڪ چيو ته ھاڻي اسان جڏھن اسلام آباد پھچنداسين تيستائين اھو پيٽرول ۽ بجلي ڪيتري گھٽ ڪندو، معيشت اھڙي ريت نه ھلندي، ھاري مزدور خوشحال ته ملڪ خوشحال ھوندو

هن چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت دوران ڪڻڪ چاول کنڊ ٻاھران گھرائي ويندي ھئي، ھڪ سال اندر صدر زرداري ايڪسپورٽ ملڪ بڻائي ڇڏيو ۽ پاڪستان مان کنڊ، چاول، ڪڻڪ ٻاھر موڪلي وئي

هن چيو ته پاڪستان تحريڪ جي اچڻ ساڻ مھانگائي شروع ٿي، ھاري طبقو پريشان ٿي ويو، ماڪڙ جو حملو ٿيو ته انھن جي مدد ٻاھران گھرائي وئي

هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ ائين ناھي ٿيو، خان پاڪستان جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو، ھاڻي وقت اچي ويو آهي ته ان کان حصاب وٺڻ جو، اسان ميدان ۾ نڪتا آھيون، اسان جو جمھوري حق آھي احتجاج ڪرڻ ۽ اسان جمھوري طريقي سان غير جمھوري شخص مان نجات حاصل ڪئي ويندي ۽ انشاءَالله ڪامياب ٿينداسين

هن چيو ته هو چوي ٿو ته ميڊيا مونسان ظلم ڪري رھيو آھي، اسان جي صدر زرداري جو انٽرويو بند ڪرايو ويندو ھو ۽ ھاڻي دانھون ڪري ٿو، پاڪستان پيپلز پارٽي آزاد ميڊيا کي اھميت ڏئي ٿو، پروپيگنڊا جي عمران خان کي ڪھڙي خبر

هن چيو ته صدر آصف زرداري ، شھيد ذوالفقار علي ڀٽو، شھيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو، پر عوام ڄاڻي ٿو ته تون ڪوڙو ۽ ڀٽو سچو ھو، تون ڪوڙو ۽ زرداري سچو آھي

ھي به پڙھندا

اسان جو مارچ نااهل وزيراعظم جي خلاف آهي، مزدورن، هارين ۽ شاگردن لاءِ وڙهندا رهيا آهيون: بلاول