ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ اوقاف کاتي ۾ جونيئر ملازمن کي اضافي چارج ڏيڻ خلاف درخواست تي چيف سيڪريٽري سيد ممتاز شاهه، اوقاف کاتي جي سيڪريٽري ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي 20 مئي تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي. ڪالهه ٻڌڻي دوران درخواست گذار محمود اختر نقوي موقف اختيار ڪيو ته اوقاف کاتي ۾ ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر اويس اقبال ڀٽي، مينيجر احمد بروهي ۽ سب انجنيئر ايم علي بنڌاڻي سميت 7 جونئير ملازمن کي اضافي چارج ڏني وئي آهي، هن استدعا ڪئي ته سمورن جونيئر ملازمن کان فوري طور تي اضافي چارج واپس وٺڻ جو حڪم ڏنو وڃي، جڏهن ته ڄاڻايل ملازمن جو سروس رڪارڊ به طلب ڪيو وڃي.