اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت پاران انٽر جي امتحانن کي ملتوي ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ خلاف مخالف ڌر احتجاج طور قومي اسيمبلي مان واڪ آئوٽ ڪيو، ڪالهه ٻئي ڏينهن به قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ مسلم ليگ (ن) جي خواجا سعد رفيق اسپيڪر سان مخاطب ٿيندي چيو ته مون ڪالهه اڌ رات جو به توهان کي تڪليف ڏني هئي، 50 لک شاگردن جو مسئلو آهي، جن کي نصاب مڪمل نه ڪرايو ويو آهي ۽ انهن جي تياري نه هجڻ باوجود انهن کان انٽر جا امتحان ورتا پيا وڃن، ڇا توهان ٻارن کي فيل ڪرائڻ چاهيو ٿا، رياست کي شاگردن سان ماءُ جهڙو سلوڪ ڪرڻ گهرجي، تعليم وزارت جي پارلياماني سيڪريٽري وجيهه اڪرم چيو ته اسلام آباد ۾ فيڊرل بورڊ آهن، صوبائي حڪومتون امتحان وٺڻ ۽ اسڪول کولڻ توڙي بند ڪرڻ بابت فيصلا ڪرڻ ۾ آزاد آهن، بلوچستان ۾ بورڊن جا امتحان وٺڻ جو سلسلو مڪمل ٿي چڪو آهي، سنڌ ۾ به امتحان وٺڻ وارو سلسلو ختم ٿيڻ وارو آهي، وفاق ۾ اهو ممڪن ناهي ته امتحانن کي اڳتي ڪيو وڃي، خواجا سعد رفيق چيو ته حڪومت ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، اسان ان خلاف احتجاجن واڪ آئوٽ ڪريون ٿا، ائين چئي مخالف ڌر ۾ شامل پارٽين جا ميمبر واڪ آئوٽ ڪري هليا ويا، رڳو جماعت اسلامي سان تعلق رکندڙ عبدالاڪبر چترالي مخالف ڌر جي واڪ آئوٽ ۾ حصو نه ورتو ۽ هو ايوان ۾ موجود رهيو