اسلام ڪوٽ (رپورٽ: الطاف اسماعيل ) ٿرڪول بلاڪ ٽو ۾خانگي سيڪورٽي گارڊن جي تشدد ۾ قتل ٿيل پورهيت دودي ڀيل جي واقعي جي جاچ لاءِ وفاقي حڪومت پاران جوڙيل انساني حقن بابت پارلياماني ڪاميٽي جي اڳواڻن گذريل ڏينهن مقتول جي تڏي پهچي تعزيت بعد واقعي جا تفصيل معلوم ڪيا ۽ اصولي طور تسليم ڪيو ته واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي ويندي. تفصيل موجب ٿرڪول بلاڪ ٽو ۾ خانگي سيڪورٽي گارڊن جي تشدد سبب فوت ٿيل پورهيت دودي ڀيل جي قتل واقعي جو وزير اعظم پاران نوٽيس وٺڻ بعد ايم اين اي لال مالهيءَ جي سرباراهيءَ ۾ انساني حقن بابت جوڙيل پارلياماني ڪاميٽي تي ٻڌل وفد ڪالهه اسلام ڪوٽ ڀرسان ابن جو تڙ پهتو. وفد ۾ شهنيلا رٿ، چيلارام ڪيولاڻي، ڪنول اعجاز، ايڊيوڪيٽ علي پلھه، اڪبر پلي، ڪرشن شرما ۽ ٻيا اڳواڻ شامل هئا. وفد مقتول دودو ڀيل جي ڳوٺ ابن جو تڙ ۾ پهچي وارثن سان تعزيت ڪرڻ بعد واقعي متعلق سمورا تفصيل معلوم ڪيا. ان موقعي تي مقتول جي وارثن دانهيندي چيو ته اسان جي نوجوان کي خانگي سيڪورٽي گارڊن بيدردي سان تشدد ڪري قتل ڪيو. بعد ۾ انصاف ڪرڻ بدران اسان تي پوليس لٺيون وسايون. وارثن وڌيڪ چيو ته ايس ايس پي ٿرپارڪر تي هاڻي اسان جو اعتماد نه رهيو آهي، کيس هٽائي ٻيو ايماندار ايس ايس پي مقرر ڪري واقعي جي جوڊيشل انڪوائري ڪرائي وڃي. وفد وارثن کي ٻڌايو ته دودو ڀيل جي قتل واري واقعي جو وزير اعظم عمران خان نوٽيس ورتو آهي. سندن هدايتن تي توهان وٽ آيا آهيون، اسان سموري رپورٽ وزير اعظم کي پيش ڪنداسين. وفاقي حڪومت هر موڙ تي وارثن سان گڏ آهي، دودي جي خون سان هر حال ۾ انصاف ڪيو ويندو. ان موقعي تي ڪاميٽي ميمبرن اصولي طور اها ڳالهه تسليم ڪئي ته واقعي جي جوڊيشل انڪوائري ڪرائي ويندي. بعد ۾ وفد اسلام ڪوٽ پهتو جتي پريس ڪلب تي ميڊيا سان ڳالهائيندي لال مالهي چيو ته دودي جي وارثن سان ملي سمورا تفصيل ورتا آهن. اسان سموري رپورٽ ٺاهي وزيراعظم کي پيش ڪنداسين، هن اها ڳالهه مڄي ته ٿرڪول تي ڪم ڪندڙ ڪمپنيون پورهيتن سان زيادتيون ڪري رهيون آهن، گارڊن هٿان نوجوانن کي تشدد ڪري ماريو پيو وڃي. دودي جي وارثن سان وڏو ظلم ٿيو آهي. ڪيڏي نه افسوس جي ڳالھه آهي جو هڪ طرف نوجوان کي قتل ڪيو ويو، بعد ۾ قاتلن کي گرفتار ڪرڻ بدران انصاف لاءِ احتجاج تي ويٺل دودي جي وني ۽ امڙ توڙي وارثن تي پوليس تشدد ڪري مٿن دهشتگرديءَ جو ڪيس داخل ڪيو. اهو ڪيس عوام، ميڊيا توڙي وفاقي حڪومت جي نوٽيس وٺڻ بعد پوليس واپس ورتو آهي. ان موقعي تي هيومن رائيٽس اڳواڻ چيلارام ڪيولاڻي چيو ته دودي ڀيل جي قتل ڪيس کي انسانيت جو قتل سمجهون ٿا، هي هڪ دودي جو قتل نه بلڪه انسانيت جو قتل آهي،واقعي تي انهي تي سياست ڪرڻ نه گهرجي، جيئن دودي جي وارثن کي انصاف ملي سگهي.