ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ ۾ انٽر جا امتحان سڀاڻي 26 جولاءِ کان شروع ٿيندا، ڪراچي انٽر بورڊ انتظام مڪمل ڪري ڇڏيا، ان ڏس ۾ ڪراچي انٽر بورڊ جي چيئرمين پروفيسر سعيد الدين چيو آهي ته شاگرد 26 جولاءِ کان شروع ٿيندڙ امتحانن لاءِ تيار رهن. جاري ڪيل پڌرائي ۾ هن ڄاڻايو ته امتحان شيڊيول تحت ئي ٿيندا، امتحان جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. هن چيو آهي ته امتحانن دوران ايس او پيز جي حوالي سان به انتظام ڪيا ويا آهن، بورڊ عملي ۽ استادن جي ويڪسين پڻ مڪمل ٿي چُڪي آهي.