حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) لطيف آباد يونٽ نمبر 8 جي اڪبري مسجد ڀرسان عيد جي ٻئي ڏينهن بجلي جي ٽرانسفارمر کي ڌماڪي بعد لڳل باهه ۾ سڙي زخمي ٿيلن مان وڌيڪ هڪ نينگر 12 سالن جو عارفين پٽ شڪيل ملڪ فوت ٿي ويو آهي، فوتي نينگر جو مڙهه لطيف آباد ۾ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، علائقي واسين نينگر جي اڪبري گرائونڊ ۾ جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد تدفين ڪئي، جنهن بعد مڇريل شهرين حيسڪو لطيف آباد ايڪسين آفيس جو رخ ڪيو، مانجي اسپتال ڀرسان قائم آفيس سامهون فوت ٿيلن جي وارثن ۽ شهرين ٻنهي پاسن کان ٽائر ساڙي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو، جنهن دوران پراسرار نموني اڻڄاتل ماڻهن ايڪسين جي آفيس تي حملو ڪري ڀڃ ڊاهه ڪئي ۽ بعد ۾ آفيس کي باهه ڏئي ڇڏي، اطلاع تي اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس پهچي باهه واقعي جو فائر برگيڊ کي اطلاع ڏنو، فائربرگيڊ عملي پهچي هڪ ڪلاڪ جي ڪوششن بعد باهه تي ضابطو آندو پر جيستائين باهه سبب آفيس ۾ پيل سمورو رڪارڊ، فرنيچر ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو، مظاهرين جي احتجاج جو اطلاع شهري جي مختلف ٿاڻن جي پوليس کي ڏنو ويو جنهن بعد اي سيڪشن، بي سيڪشن، حسين آباد، سائيٽ، ايئرپورٽ، حالي روڊ، ڪينٽ، جي او آر، ٽنڊو يوسف سميت لڳ ڀڳ 10 ٿاڻن جي پوليس پهچي وئي، جن مظاهرين کي حيسڪو آفيس سامهون ڇر وڇڙ ڪيو، مظاهرين حيسڪو آفيس سامهون احتجاج ختم ڪري يونٽ نمبر 12 واري چوڪ تي پهتا، جتي انهن ٻيهر پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو، احتجاج دوران خالد زئي، حيدر علي ۽ ٻين چيو ته انهن پرامن احتجاج ڪيو، حيسڪو آفيس تي حملي توڙي باهه واقعي سان سندن ڪو به تعلق نه آهي. هنن چيو ته ڇنڇر جي ڏينهن حيسڪو آفيس بند هئي، آفيس تي حملي ۽ باهه دوران نه ئي مک دروازو ڀڳو ۽ نه ئي وري دروازي کي لڳل تالا ٽٽل آهن، جنهن ڪري کين خدشو آهي ته آفيس ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ باهه ۾ حيسڪو جو عملو ملوث آهي، جيڪي ڪجهه گاڏين تي آفيس جي ٻئي رستي کان آيا، جن آفيس جا تالا کولي اندر وڃي ڀڃ ڊاهه ڪئي ۽ آفيس کي باهه ڏئي واپس روانا ٿي ويا، اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته حيسڪو آفيس کي باهه واقعي ۾ مظاهرين ملوث آهن، ڇاڪاڻ ته انهن روڊ تي ٽائر نه پر آفيس ۾ پيل ڪرسيون ۽ ٽيبلون کڻي انهن کي باهه ڏئي روڊ بند ڪيو، جڏهن ته آفيس ۾ پڻ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ بعد باهه ڏني، پوليس موجب باهه سبب آفيس ۾ پيل رڪارڊ ۽ سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو آهي، اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايچ او عمران رشيد تصديق ڪندي ٻڌايو ته کين ابتدائي طور شاهديون مليون آهن ته حيسڪو آفيس تي حملي ۾ لطيف آباد يونٽ نمبر 8 جي اڪبري مسجد واري علائقي سان تعلق رکندڙ ماڻهو ملوث آهن، شهرين جي لاڳيتي 5 ڪلاڪ واري احتجاج سبب آٽو ڀان روڊ ٻنهي پاسن کان بند رهيو، جڏهن ته لطيف آباد يونٽ نمبر 8 سميت شهر توڙي ڀرپاسي کان آيل سوين مسافر گاڏيون ڦاٿل رهيون. پوليس ۽ مظاهرين ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ بعد روڊ کولرايو ويو. مظاهرين موجب ته پوليس سندن واقعي جو ڌار ڪيس داخل ڪرڻ وارو شرط تسليم ڪيو آهي، جنهن بعد انهن رضاڪارڻه طور پنهنجو احتجاج ختم ڪري ڇڏيو.