امريڪا غزه ۾ جنگبندي لاءِ سلامتي ڪائونسل ۾ پيش ڪيل ٺهراءُ هڪ ڀيرو ٻيهر ويٽو ڪري ڇڏيو

0
166

امريڪا غزه ۾ جنگبندي لاءِ سلامتي ڪائونسل ۾ پيش ڪيل ٺهراءُ هڪ ڀيرو ٻيهر ويٽو ڪري ڇڏيو، متحده عرب امارات طرفان پيش ڪيل ٺهراءَ ۾ انساني بنيادن تي غزه ۾ فوري جنگبندي جو مطالبو، سلامتي ڪائونسل جي 15 ميمبرن مان 13 ميمبرز ٺهراءَ جي حمايت ۾ ووٽ ڏنو، برطانيا ووٽنگ واري عمل مان غير حاضر رهيو، گڏيل قومن ۾ آمريڪا جي نائب سفير رابرٽ وڊ چيو ته ٺهراءَ جو ڊرافٽ غيرمتوازن هئڻ کانسواءِ حقيقت پٽاندڙ به ناهي، ٺهراءَ سان معاملي جو ڪو ٺوس حل نه نڪرندو، اسان اهڙي ٺهراءَ جي حمايت نه ٿا ڪري سگهون، جيڪو غير جٽادار جنگبنديءَ جو مطالبو ڪري ٿو