اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي گھرو وزير سرفراز بگٽي چيو آھي ته حڪومت اليڪشن ڪميشن جي درخواست تي ايندڙ عام چونڊن ۾ سيڪيورٽيءَ لاءِ ھر ممڪن سول آرمڊ فورسز فراھم ڪرڻ جي لاءِ تيار آھي، غير ملڪين جي سياسي سرگرمين تي پابندي آھي. اهڙي ماڻهن کي ڊي پورٽ ڪندا سين، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن وڌيڪ چيو ته گھرو وزارت سيڪيورٽي فراھم ڪندي. فوج جي مقرري جي حوالي سان وزارت دفاع آگاھه ڪندي. گهرو وزير چيو ته اليڪشن مھم دوران سياسي قيادت کي نشانو بڻائڻ جو خطرو موجود آھي. ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته دھشتگرد ھميشه موقعي جي تلاش ۾ ھوندا آھن. جڏھن ملڪ اندر سياسي سرگرميون ھجن ته دھشتگردن جو حدف آسان ٿي وڃي ٿو، اليڪشن مھم دوران سياستدانن کي سيڪيورٽي خطرا موجودا آھن، چونڊ مھم دوران ملڪ ۾ سياسي اڳواڻن مٿان حملن جي ھڪ تاريخ آھي، ماضي ۾ شوڪت عزيز، بينظير ڀٽو ۽ ثناءُ الله زھري تي اليشن مھم دوران حملا ٿي چڪا آھن. چونڊ مھم دوران سياسي قيادت کي خطرو آھي، حڪومت کي مولانا فضل الرحمان متعلق ھڪ خصوصي سيڪيورٽي ٿريٽ موصول ٿيو آھي. گهرو وزير چيو ته گهرو وزارت جي ماتحت سول آرمڊ فورسز آھن، ھن وقت ايف سي سنڌ، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ سيڪيورٽي جون خدمتون سرانجام ڏئي رھي آھي. ان باوجود اسان وٽ موجود سيڪيورٽي اليڪشن ڪميشن جي درخواست تي اليڪشن لاءِ فراھم ڪنداسين. گهرو وزير چيو ته سراج الدين حقاني سميت غير ملڪين کي جاري ٿيندڙ پاسپورٽس جي حوالي سان انڪوائري جاري آھي، نادرا کي حقيقي معنيٰ ۾ قومي سلامتي ادارو بڻائينداسين، جعلي ڪارڊ ۽جعلي پاسپورٽ بابت جاچ جاري آهي، سرفراز بگٽي چيو ته سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺندڙ دستاويزي غير ملڪين کي به بيدخل ڪيو ويندو. ھن چيو ته پاڪستان ۾ سياست جو حق پاڪستانين کي آھي. رجسٽرڊ غيرملڪي پاڪستاني سياست م ڪو بھ ڪردار ادا نٿو ڪري سگھي، غير ملڪين جي سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ تي مڪمل پابندي آھي. ھن چيو ته سياسي سرگرمين ۾ ملوث غير ملڪين کي ڊي پورٽ ڪيو پيو وڃي. لڳ ڀڳ 10 غيرملڪين جي جي شناخت ڪئي وئي آھي جيڪي سياسي سرگرمين ۾ ملوث ھئا. گهرو وزير چيو ته چمن ڌرڻي جي متنظمين جي رابطي ۾ آھيون، ون ڊاڪٽومينٽ رجيم کان پوئتي نه ھٽنداسين، غيرقانوني رھندڙ غيرملڪين مان 4 لک 82 ھزار کان وڌيڪ ماڻھن کي واپس ڪيو ويو آھي. 90 سيڪڙو غيرقانوني غيرملڪي پاڻ مرادو واپس ھليا ويا آھن. ڪنھن سان به بداخلاقي ۽ بدتھذيبي ناھي ڪئي وئي. ھڪ سوال جي جواب ۾ سرفراز بگٽي چيو ته انٽرپول جي دعوت تي پرڏيھي ملڪ ويس ۽ ملاقاتن جو شيڊول به طئي ھيو، پر اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي طلبي تي اھو شيڊول ڇڏي واپس اچڻو پيو.