واشنگٽن (م ڊ) نادرا اليڪشن ڪميشن جي ڪاوڙ کي غلط فهمي قرار ڏئي ڇڏيو، نادرا چيئرمين طارق ملڪ اليڪشن ڪميشن کي لکيل خط تي وضاحت ڏيندي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن آئيني ادارو آهي، نادرا حڪم نه ٿو ڏئي سگهي. واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نادرا چيئرمين طارق ملڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن جي چوڻ تي حڪمت عملي جوڙي، پراجيڪٽ پلان ڏنو، جنهن بعد آءِ ٽي ڊپارٽمينٽ اجازت ڏني، هن چيو ته ٽيڪنيڪل ماڻهو ٽيڪنيڪي ڳالهه ٻولهه ڪندا آهن، وطن واپس اچي اليڪشن ڪميشن جي غلط فهمي ختم ڪندس، نادرا چيئرمين چيو ته اسان هڪٻئي سان تعاون ڪندا رهيا آهيون ۽ اڳتي به ڪندا رهنداسين، اليڪشن ڪميشن کي ڪاوڙ ڪرڻ جو اختيار آهي ۽ هو نادرا کي دڙڪا ڏئي ته اهي به ڏئي سگهي ٿو، ان کان اڳ اليڪشن ڪميشن نادرا جي هڪ خط جَي جواب ۾ لکيو هو ته تاثر ملي ٿو ته ڄڻ اليڪشن ڪميشن نادرا جَي ماتحت ادارو آهي.