احمدپور ڀرسان پريمي جوڙي جي گهر تي پوليس چڙهائي، ڀڃ ڊاھ

0
376
احمدپور ڀرسان پريمي

احمدپور(ن پ ا) احمدپور ڀرسان پريمي جوڙي جي گهر تي پوليس چڙهائي ڪري ڀڃ ڊاهه ڪئي.

ڳوٺ کنڀڙا ۾ نوجوان شان کنڀڙو ۽ ناري سائره کنڀڙو نوشھرو فيروز جي عدالت ۾ پيار پرڻي واري معامري احمدپور پوليس جي پريمي ۽ سندس مائٽن جي گھرن تي چڙھائي ڪئي.

پوليس ھرن تي چڙھائي دوران ڀڃ ڊاھ ڪري صندوقن جا تالا ٽوڙي سونا زيور ۽ ڪڪڙيون پڪڙي گهر کي ٻهارو ڏئي هلي وئي.

پسند جو پرڻو ڪندڙ ناري سائره کنڀڙو وڊيو بيان جاري ڪندي چيو ته اسان پنھنجي مرضي موجب نوشھرو فيروز جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪيو، پوليس بااثرن جي وانگار وھندي منھنجي مڙس ۽ سندس مائٽن خلاف اغوا جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو.

ناري جو چوڻ آهي ته مون کي ۽ منھنجي مڙس کي ڪارنھن جي الزام ۾ مخالفن کان مارائڻ لاءِ وڏي منشي ظھور لغاري جي معرفت ايس ايڇ او  لکين روپيا رشوت ورتي  آھي، خوف آھي ته اسان کي ڪٿي مارائي ڇڏيندا.

ناري جو چوڻ آهي ته پوليس اسان جي گھرن  تي بنا جواز چڙھائي ڪري چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪندي گھرن ۾ ڪاھي پئي، عورتن ۽ ٻارڙن تي سخت تشدد ڪري  گھرن مان صندوقن جا تالا ٽوڙي سونا زيور، روڪ رقم ۽ گندين مان ان ۽ ڪڪڙيون کڻي وئي، ايس ايس پي خيرپور اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري سامان واپس ڪرائي تحفظ فراھم ڪيو وڃي.