ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو چيو آهي ته  اڳوڻي وزيراعظم عمران خان به سنڌ تي  افغانين جو قبضو ڪرائڻ چاهيو ٿي پر هي صوبو افغانين جو ناهي. اها ڳالهه به حقيقت آهي ته ڪراچي ۾ ڪنهن اردو ڳالهائيندڙ کي سرڪاري کاتن ۾ ڀرتي نٿو ڪيو وڃي، رڳو افغانين کي ڀرتي ڪيو پيو وڃي. ڪالهه  هتي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته سيوهڻ توڙي درگاهه نوراني تي افغانين ڌماڪا ڪيا، 40 سالن کان  ادارا خاموش آهن. اردو ۽ سنڌي ڳالهائيندڙن کي گهرجي ته اهي افغانين خلاف آواز اٿارين، هن چيو ته حڪمران جيئي سنڌ جو جهنڊو برداشت نٿا ڪن، باقي افغانين جو جهنڊو ڦڙڪائڻ تي خاموش آهن. هن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن حڪومت افغانين خلاف ڪاروائي نه ڪئي ته ڪراچي کان ڪشمور تائين سخت احتجاج ڪيا ويندا.