تلهار (ن پ ا) تلهار شھر جي وارڊ 5 ۽ 6 جي رهواسين پاران 2 مهينن کان سئي گئس جي گهٽ  پريشر  خلاف سئي گئس آفيس اڳيان عورتن سميت مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي  فرزانا جتوئي ۽ ٻين دانيهندي چيو ته 2مهينن کان وارڊ 5 ۽ 6 جو گئس هٿرادو بند آھي، جنهن سبب رڌ پچاءُ ۾ ڏکيائيون ٿي رهيون آهن، ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي گئس فراهم ڪيو وڃي.