گپچاڻي (ن پ ا) گپچاڻي ڀرسان ٽرڪ موٽر سائيڪل سوار مٿان چڙھي وئي، ھمراهه چيڀاٽجي فوت، خبرموجب سانگھڙ نوابشاهه مين روڊ تي بخاري آباد اسٽاپ وٽ تيز رفتار ٽرڪ موٽر سائيڪل سوار سٺ ميل واسي ميرخان بروھي مٿان چڙھي وئي، جنھن جي نتيجي ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو، جنھن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نواب شاهه اسپتال نيو ويو، جتي ھو زخمن جا سور نه سهي فوت ٿي ويو، فوتي جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس ٽرڪ ڊرائيور کي گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي،