گھوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي شهر جي رحموالي واري علائقي ۾ ڪروڙين رپين جي لاڳت سان تعمير ٿيل شھيد بينظير پارڪ مينھن جي واڙي ۾ تبديل ٿي ويو، بااثرن مينهون پارڪ جي وڻن سان ٻڌي ڇڏيون. ان حوالي سان پبلڪ پارڪ ۾ موجود چوڪيدار روزاني پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته محلي جي بااثرن پنهنجو چوپايو مال پارڪ جي وڻن سان ٻڌي ڇڏيو آهي. ان کان علاوه ميونسپل انتظاميا جي بي ڌياني سبب شام جي وقت موالي پارڪ ۾ ديرا ڄمائي ويٺل هوندا آهن، روڪڻ تي وڙهي پون ٿا. ميونسپل انتظاميا کي شڪايتن باوجود ڪوبه نوٽيس نٿو ورتو وڃي. ان حوالي سان شهرين مجاهد، سخي جان چاچڙ، ارشد پٺاڻ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته شھر جي بجيٽ جا ڪروڙين روپيا ڪامورا ھڙپ ڪري ويا آهن. پبلڪ پارڪ جي مالڪي نه ٿيڻ سبب بااثرن پنهنجون مينهون ٻڌي ڇڏيون. هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي پبلڪ پارڪ کي اصل صورت ۾ بحال ڪيو وڃي.