افغانستان ۾ اشرف غني حڪومت ختم ٿيڻ سان ڀارت کي شڪست ملي:شيخ رشيد

0
231
اپوزيشن وارا مارچ جو شوق

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گھرو وزير شيخ رشيد چيو آھي تھ  افغانستان ۾ اشرف غني حڪومت ختم ٿيڻ سان ڀارت کي شڪست ملي، افغانستان ۾ موجود ڀارتي قونصليٽ پاڪستان خلاف استعمال ٿي رهيا هئا، هاڻ طالبان گارنٽي ڏني آهي ته افغانستان جي سر زمين ٻين ملڪن خلاف استعمال نه ٿيندي.

وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تھ دنيا جي ڪابه طاقت سي پيڪ ۾ رنڊڪ نٿي بڻجي سگهي، سي پيڪ  تي ڪم ڪندڙ چيني شهرين جي سيڪيورٽي وڌائي ويندي، عمران خان جي حڪومت ڪيڏانھن نھ پئي وڃي.