افغانستان جي سر زمين ڪنهن ٻئي ملڪ خلاف استعمال نه ٿيڻ ڏينداسين:طالبان ترجمان

0
189
طالبان انساني بنيادن تي

افغان طالبان ۽ پنجشير جي اڳواڻن ۾ ڳالهين جو ٻيو دور اڄ ٿيندو، طالبان ترجمان ذبيح الله اميد ظاهر ڪئي آهي ته پنجشير جو معاملو ڳالهين ذريعي حل ٿي ويندو، جنگ جي ضرورت نه پوندي.

ھي به پڙھندا

امن تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن شرعي قانونن موجب سزائون ڏنيون وڃن: طالبان ترجمان

پاڪستان ۽ ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان وچ ۾ ٺاهه لاءِ ڪنهن به رابطو ناهي ڪيو، جيڪڏهن ڪنهن رابطو ڪيو ته ٺاهه لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، خاطري ڪرايون ٿا ته افغانستان جي سر زمين ڪنهن ٻئي ملڪ خلاف استعمال نه ٿيڻ ڏينداسين.

امريڪي صدر جو بائيڊن 31 آگسٽ تي امريڪي فوج جي افغانستان مان واپسي واري فيصلي تي قائم: جوبائيڊن افغانستان ۾ داعش جي حملن جو خدشو ظاهر ڪندي چيو آهي ته امريڪي فوج جيترو جلد واپس ٿئي، اوترو بهتر آهي، افغانستان ۾ امريڪي فوج مٿان داعش حملا ڪري سگهي ٿي، جي سيون ملڪن طالبان کان مطالبو ڪيو آهي ته 31 آگسٽ کانپوءِ به شهرين کي ملڪ ڇڏڻ جو اختيار ڏنو وڃي.

ھي به پڙھندا

افغان طالبان ۽ مزاحمتي فوج ۾ چڪريون، 300 ويڙھاڪ مارجي ويا