عالمي بينڪ پاران افغانستان جي امداد بند ڪرڻ جو اعلان

0
208
عالمي بئنڪ پاڪستان کي

ڪراچي(م ڊ) عالمي بينڪ افغانستان جي امداد بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، عالمي بينڪ طالبان جي ڪنٽرول کانپوءِ افغانستان جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.عالمي بينڪ جو چوڻ آهي ته افغانستا ۾ ورلڊ بينڪ جا 2 درجن کان وڌيڪ ترقياتي منصوبا جاري آهن، هن وقت صورتحال جو جائزو وٺي رهيا آهيون. عالمي بينڪ جي موجب 2002 کان افغانستان کي 5.3 ارب ڊالر ڏئي چڪا آهيون جنهن ۾ گهڻو امداد شامل آهي.