ملير (رپورٽر) ملير جي علائقي عمر ماروي ڳوٺ مان پنج ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل نادرا جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر فروز شابراڻي جي ڀاءُ ارشاد علي، چاچي نثار احمد، ڀائيٽي ڪامران اعجاز ملير پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته افروز شابراڻي جو ڪنهن به سياسي پارٽي يا غيرقانوني سرگرمين سان ڪو تعلق نه آهي. وارثن جو ان حوالي سان وڌيڪ چوڻ هو ته 15 مئي تي رات جو 4 وڳي پوليس وردي ۽ ساڻن گڏ سادن ڪپڙن ۾ ملبوس نامعلوم 10 اهلڪارن چادر ۽ چار ديواري جو تقدس پائمال ڪندي گهر جي ڀِت ٽپي افروز شابراڻي پڇا ڪئي. افروز پاران تعارف تي انهن کين چيو ته اوهان کي اسان سان گڏ هلڻو پوندو جنهن بعد کيس پاڻ سان گڏ وٺي ويا. ڪجهه دير بعد واپس اچي سندس ٻه موبائل فون پڻ کڻي ويا، کيس نامعلوم هنڌ منتقل ڪيو ويو. وارثن جو چوڻ هو ته افروز جو تعلق ڪنهن به غيراخلاقي، غيرقانوني سرگرمي يا ڪنهن سياسي تنظيم سان نه آهي، جيڪڏهن مٿس ڪو ڪيس داخل آهي يا ان قسم جي ٻي ڪا سرگرمي آهي ته کيس عدالت آڏو پيش ڪيو وڃي. هنن چيو ته اسان جي گهر ۾ ماتم واري صورتحال آهي. هنن سنڌ جي وڏي وزير، آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي ملير ۽ لاڳاپيل ادارن کي اپيل ڪئي ته افروز کي بازياب ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.