سکر (بيورو رپورٽ) ملتان کان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچ روھڙي جي ڪلر وٺ ڀرسان نيشنل ھاءِ تي ڪلٽي ٿيڻ سبب 13 انساني جانيون ضايع ٿيون هيون، سکر اسپتال ۾ داخل ھڪ وڌيڪ مريض علي اڪبر ولد مختيار احمد سور نه سھندي فوت ٿي ويو، انگ وڌي 14 ٿي ويو. حادثي۾ 20 کان وڌيڪ مسافر زخمي پڻ ٿيا ھئا، جن کي سکر، روھڙي ۽ پنوعاقل جي اسپتالن ۾ علاج لاءِ منتقل ڪيو ويو ھو، حادثي جو شڪار ٿيل مسافر ڪوچ ۾ پنجاب جي بستي ملوڪ واسي ٻه ڀائر محمد رياض ۽ غلام عباس پڻ شامل ھئا، فوتين جا لاش ڳوٺن ڏانھن ايڌي ايمبولنس، سرڪاري توڙي نجي ايمبولنسز جي مدد سان اباڻن شھرن ڏانھن اماڻيا ويا آھن. حاصل ڪيل ڄاڻ موجب حادثي سبب اجل جو شڪار ٿيل 11 مسافرن جا لاش تعلقا اسپتال روھڙي پھچايا ويا ھئا ۽ 2 لاش تعلقا اسپتال پنوعاقل پھتا ھئا، فوتي مسافر محمد اجمل، الھڏتو، ڪامران، رياض، اجمل، نديم اختر جون لاشون آبائي علائقي ملتان روانو ڪيون ويون آھن، جڏھن ته زخمن جا تاب نه سھندي سي ايم ايڇ اسپتال ۾ فوت ٿي ويل علي اڪبر ولد مختيار احمد جي ميت چڪ نمبر چار ملتان روانو ڪئي وئي آھي، پوليس ذميوارن موجب روھڙي تعلقي اسپتال مان 10 فوتين ۽ تعلقا اسپتال پنوعاقل مان ٻن فوتي مسافرن جا لاش پنجاب جي مختلف علائقن ۾ واقع اباڻن شھرن ڏانھن اماڻيا ويا آھن، جڏھن ته ھڪ لاش جي تصديق ناھي ٿي سگھي، جنھن جي تصديق وارو عمل جاري آھي. جڏھن ته محمد صديق نالي ڊرائيور پڻ زخمي آھي جيڪو علاج لاءِ اسپتال ۾ داخل آھي. جڏھن ته اُن سان ھڪ ٻيو ڊرائيور به ھيو جنھن متعلق پتو ناھي پتو ته اھو زندا آھي يا موقعي تان فرار ٿي ويو آھي. اکين ڏٺن شاھدن توڙي ڪجھ مسافرن اِھو به انڪشاف ڪيو آھي ته مسافر ڪوچ جي ڇت تي پڻ مسافر ويٺل ھئا ڪوچ جي ڪلٽي ٿيڻ کانپوءِ ڇت تي ويٺل مسافر ڪوچ جي ھيٺان دٻجي ويا جن جي لاشن ريسڪيو عملي ٻاھر ڪڍيو ويو. زخمي مسافرن جو چوڻ ھو ته ڊرائيور تمام تيز رفتاريءَ سان ڪوچ ھلائي رھيو ھو، جنھن کي مسافرن ھڪ کان وڌيڪ ڀيرا رفتار گھٽ ھلائڻ جو پڻ چيو پر ڊرائيور مسافرن جي ھڪ به نه ٻڌي ۽ تيز رفتاريءَ سبب روھڙي ويجھو اُن وقت حادثو پيش آيو جنھن وقت اڪثر مسافر آرامي ھئا ۽ اوچتو حادثي سبب سڀنيءَ جون رڙيون نڪري ويون. اطلاع آھن ته ڄاڻايل ڪوچ کي پنجاب جي حدن ۾ اوور لوڊ ھجڻ ۽ ڪورونا ايس او پي تي عمل نه ڪرڻ تي چالان پڻ ڪيو ويو ھو پر اِن باوجود مسافر ڪوچ وڏي انگ ۾ مسافرن کي کڻي ڪراچي طرف روانو ٿي.