اشو آف دي ڊي ڇا سنڌ ۾ ٻٽو مڪاني نظام آندو ويو آهي؟ بحث

0
218
اشو آف دي ڊي ڇا سنڌ ۾ ٻٽو مڪاني نظام آندو ويو آهي؟ بحث

 ڇا سنڌ ۾ ٻٽو مڪاني نظام آندو ويو آهي؟ ان حوالي سان سوشل ميڊيا تي بحث شروع ٿي ويو آهي، جڏهن ته سنڌ حڪومت صوبائي راڄڌاني واري شهر ڪراچي کي ڇڏي لاڙڪاڻي، سکر ۽ حيدرآباد کانپوءِ ميرپورخاص ۽ شهيد بينظير آباد ۾ به ميونسپل ڪارپوريشنز قائم ڪرڻ ۽ ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن توڙي 5 ڊويزنل هيڊڪوارٽرز وارين ميونسپل ڪارپوريشنن ۾ ٽائون نظام آڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ڪراچي شهر ۾ هلندڙ 7 ڊسٽرڪٽ ميونسپل ڪارپوريشنن ۽ ضلعي ڪائونسل کي ختم ڪيو ويو،

ان ڏس ۾ ڪالهه سنڌ اسيمبلي ۾ مڪاني ادارن واري وزير ناصر شاهه ايوان ۾ سنڌ لوڪل گورنمينٽ (ترميمي) ايڪٽ 2021 پيش ڪيو ويو آهي، جنهن تحت ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن ۾ 5 کان ساڍا 7 لک آبادي تي مختلف ٽائون ٺاهيا ويندا، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، شهيد بينظير آباد ۽ ميرپورخاص جي ميونسپل ڪارپوريشنن ۾ سوا لک کان ساڍا ٽي لک آبادي تي ٽائون ٺاهيا ويندا، ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن توڙي ميونسپل ڪارپوريشنن ۾ يونين ڪاميٽيون پڻ هونديون، ميٽروپوليٽن جي يونين ڪاميٽي 45 کان 75 هزار آبادي تي مشتمل هوندي، ميونسپل ڪارپوريشن جي يونين ڪاميٽي 10 کان 25 هزار آبادي رکندڙ هوندي، يونين ڪاميٽين جا وائيس چيئرمين ٽائونن جا ميمبر ٿي سگهندا، يونين ڪاميٽين جا چيئرمين وري ميٽروپوليٽن ۽ ميونسپل ڪارپوريشنز جا ميمبر هوندا،

ميئرن ڊپٽي ميئرن چيئرمين ۽ وائيس چيئرمينن کي سندن لاڳاپيل ايوان جا ميمبر چونڊيندا، جڏهن ته سندن مدو 4 سال هوندو. اهڙو بل سامهون اچڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي ردعمل ظاهر ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ منظور مغيري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ حڪومت مڪاني کاتي جي نئين نظام جو بل سنڌ اسيمبلي مان اڪثريت سان پاس ڪرائي ورتو سموريون ڊي ايم سيز ختم، ٻھراڙي جون يوسيون بحال رھنديون، اقليتي ميمبرز جو تعداد وڌايو ويو، الطاف رستماڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پيپلز پارٽي هڪ دفعو وري غداري ڪندي مڪاني نظام وارو بل پاس ڪري ورتو، عبدالستار انڙ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ ۾ شھرن ۽ ٻهراڙين لاءِالڳ الڳ مڪاني نظام آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، محبوب بروهي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هڪ دفعو ٻيهر سنڌ ۾ ٻٽو مڪاني نظام آڻڻ جون ڪوششون، ٻهراڙين کي شھري علائقن کان الڳ ڪرڻ جي حڪومتي تجويز سامهون آئي آهي جنهن تي جمن هالو لکيو ته بلڪل ايئن ٿيڻ وارو آهي،

وفا صالح لکيو ته ڌار ڪري ڪهڙو انصاف ڪندا؟ ان کان اڳ ٻهراڙي وارن کي پٽڪا ٻڌرايا اٿن، سمورين بنيادي سهولتن کان محروم آهن، رفيق احمد لکيو ته ٻهراڙي جي ماڻهن کي ڪهڙي مکڻ سان ماني کارائيندا، ڪامريڊ حڪيم بروهي افسوس جو اظهار ڪيو، ظهير شاهه لکيو ته بلڪل ايئن ٿيڻ وارو آهي، محمد سليم عاطف چانڊيو لکيو ته ٻهراڙين کي شهرين جي برابر بنيادي سهولتون ڏيڻ بدران ٻهراڙي جي غريب عوام خلاف ٻٽي نظام ذريعي استحصالي نظام آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. علي اڪبر ڪلمتي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ بل منظور. مشرف دور وارو مڪاني نظام بحال ڪندي ڪراچي ٻهراڙين جو وجود ۽ ضلعي ڪائونسل ختم ڪئي وئي. جنهن تي ملير جي سينيئر سياستدان عبدالحڪيم بلوچ چيو آهي ته اهڙي نظام جي سخت مخالفت ۽ مزاحمت ڪنداسين، شفيع محمد بلوچ ۽ سيد ممتاز شاهه لکيو ته مشرف جو مڪاني نظام نامنظور، منصور بلوچ به ردعمل ڏنو. سامي ميمڻ به اهڙي پوسٽ شيئر ڪئي.