سوال/سروي ايڪتا ڏينهن ملهائڻ لاءِ سنڌ واسي پرجوش، ٻارڙن ثقافتي ويس ٺهرائي ورتا

0
377
سوال/سروي ايڪتا ڏينهن ملهائڻ لاءِ سنڌ واسي پرجوش، ٻارڙن ثقافتي ويس ٺهرائي ورتا

 ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته سنڌو تو ۾ ساهه اسان جو سري هيٺ ايڪتا ڏينهن ملهائڻ لاءِاوهان ڪهڙيون تياريون ڪيون آهن؟ ڪٿي ۽ ڪيئن ايڪتا ڏينهن ملهائيندا؟ ڇا اوهان جا ٻار به ايڪتا ڏينهن ملهائڻ جون تياريون ڪن پيا؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته ايڪتا کي اسان قومي عيد سمجهون ٿا، هر سال جيان هن سال به ايڪتا ڏينهن ڀرپور نموني ملهائينداسين، ان ڏينهن جو انتظار آهي، ٻارن جون تياريون به جاري آهن،

سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي مير گائنچو لکيو ته مان پنھنجي پٽ شاھزيب جاني کي ايڪتا ڏينهن جي مناسبت سان واسڪوٽي وٺي ڏني آهي ۽ سنڌ جي ماڳ موهن جي دڙي تي وڃبو. عبدالغفور سروهي لکيو ته ايڪتا، اسان لاءِ عيد جيان مبارڪ ڏينهن آهي، قومي عيد ايڪتا پنهنجي شهر حيدرآباد ۾ پنهنجي گهر ڀاتين ۽ ڌرتي ڌڻين خاص طور ايڪتا سلوگن جي خالق جناب علي قاضي جي اداري پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز سان گڏ ملهائينداسين، يقينن تياريون زور و شور سان جاري آهن، ان سلسلي ۾ منهنجي پٽ عدنان غفور، ڀائيٽي عمار شڪور، رڌا ۽ حرين ثقافتي ڏهاڙي جي مناسبت سان نه رڳو ٽريڊيشنل سوٽس تيار ڪرايا پر قومي گيت پڻ ياد ڪيا آهن. وقاص ياسين لکيو ته ڦلجي اسٽيشن شھر ۾ اسان شاندار نموني ايڪتا ڊي ملهائينداسين .

مختلف ريليون رکيون ويون آهن رات جو مشاعرا مچ ڪچهريون به ڪوٺائينداسين . سنڌ ڌرتي سان بيحد محبت جو اظهار ڪنداسين ظالمن لاءِ نيئن للڪار بڻجي ڪوڙ جا ڪوٽ ڊاهي پٽ ڪنداسين، ڪامران سنڌي به سروي ۾ حصو ورتو، موهن لال لکيو ته سنڌو تو ۾ ساھ اسان جو، اسان زور شور سان تياري ۾ رڌل آهيون،ٽوپي اجرڪ جيڪا سنڌ جي ثقافت آهي انهن ساڻ اسين ڪوٽ غلام محمد شهر ۾ ايڪتا ڏينهن ملهائينداسين ۽ گڏوگڏ ٻار به ايڪتا ڏهاڙو ڀرپور ملهائڻ ۾ جوش جذبي سان تيار آهن، سڪندر علي به سروي ۾ حصو ورتو، خاموش خليل شر لکيو ته اسان ڪرونڊي شهر ۾ هڪ شاندار ريلي جو اهتمام ڪيو آھي، مچ ڪچهري،سگھڙ،فنڪارن ۽ شاعرن جو پڻ پروگرام رکيو ويو آھي، ساحل عالياڻي لکيو ته اسان جي شهر ڍورونارو ۾ ڪافي حد تائين ايڪتا جي ڏينهن جي حوالي سان تياريو جاري ۽ ساري آهن جڏهن ته نوجوانن اجرڪ جي ڪپڙن اجرڪن کان وٺي پڳ تائين جون سموريون تياريون ڪيون آهن، ريلي پڻ ڪڍي ويندي،

علي بخش شر لکيو ته ميان صاحب شهر ۾ سنڌو تون ۾ ساھه اسان جو، ايڪتا ڏهاڙو اسان سنڌي عيد جيان ملهائيندا آهيون هن دفعي به اسان جون تياريون عروج تي آهن شهر ۾ ريلي جي صورت ۾ سنڌي گيتن تي رقص ڪندا رهندا آهيون هن دفعي پنهنجي اخبار ٽائيم نيوز جي طرفان اسٽيج ڊراما پروگرام رکيو ويو آهي، محبتي مڪيش ڪمار لکيو ته پنج ڊسمبر تي پوري سنڌ سان گڏ ايڪتا ڏهاڙو وڏي ڌام ڌوم سان ملهائينداسين، ارشد علي رستماڻي لکيو ته واهي پابندي ۾ وڏي جوش جذبي سان ايڪتا ڏينهن ملهائينداسين، نماڻو نوناري لکيو ته سنڌي ٽوپي اجرڪ سان ايڪتا ڏينهن عيد وانگر ملهائينداسين، مير بابر شاهاڻي لکيو ته ڳوٺ ڪوٽ مرزا لاڙڪاڻو مان ريلي ڪڍنداسين، ڪاشف حسين ڪنڀر لکيو ته نيوڇور ۾ هن وقت ايڪتا جي تيارين جو عمل شروع ناهي ٿيو،

خادم سومرو لکيو ته باڊهه شهر ۾ ايڪتا ڏهاڙي جي حوالي سان تقريبون منعقد ڪيون وينديون پنج ڊسمبر تي سمورا باڊهه واسي پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز سان گڏ هوندا، پرويز علي لکيو ته اسان سنڌي ثقافت کي عيد جيان ملهائيندا آھيون اسان پنهنجي عيد جي ڏھاڙي تي پاڻ ۽ پنهنجن ٻارن کي به عيد جيان تيار ڪندا آھيون، مسرور شر لکيو ته پڪاچانگ ۾ تياريون زور شور سان جاري آهن، بشير ميراڻي لکيو ته پنهنجي ثقافت سان پيار ڪرڻ اسان جو اولين فرض آهي، منظور پنهور لکيو ته وڏي خوشي سان ايڪتا ڏينهن ملهائينداسين شھر شادي لارج ۾ ريليون ڪڍيون وينديون،سمير احمد لکيو ته سعودي عرب جدا ۾ ايڪتا جو زبردست پروگرام ڪيو ويندو،

فرمان چانڊيو لکيو ته فريدآباد ۾ “سنڌو تو ۾ ساھ اسان جو” جي سري هيٺ ايڪتا ڏهاڙو ڀرپور نموني سان ملهايو ويندو، سميع الله لاکو لکيو ته اسانکي پنهنجي سنڌي ثقافت سنڌي ٻولي ۽ سنڌ ڌرتي سان بي انتها محبت آهي ۽ هر سال وانگر هن سال بي قومي ايڪتا عيد جي ڏهاڙي کي انهي جوش جذبي سان ملهائينداسين، رياض حسين بهڻ لکيو ته مورو ۾ ايڪتا ڏينهن ملهائينداسين، حاجن علي بلوچ لکيو ته 5 ڊسمبر تي ايڪتا ڏينهن ملهائينداسين، عبدالرحمان چانگ لکيو ته تياريون جاري آهن ڪرونڊي ۾ ريلي ڪڍي ويندي، راڻو خان لکيو ته ان ڏينهن جو انتظار آهي، نعيم ڪنڀر لکيو ته بوسڪي جو پٽڪو ورتو آهي، ڏهاڙو ڪراچي پريس ڪلب تي ملهائبو، سنديپ راول لکيو ته اسانکي اسان جي ثقافت ۽ سنڌي ٻولي سان پيار ڪرڻ اولين فرض آھي،

قادر شر لکيو ته اسان ايڪتا کي عيد جيان ملهائيندا آهيون، اعجاز سومرو لکيو ته قومي ايڪتا عيد جي ڏهاڙي تي ميرواهه گورچاڻي ۾ پروگرام ڪنداسين، غلام رسول راهمون لکيو ته اسانکي پنهنجي سنڌي ثقافت سنڌي ٻولي ۽ سنڌ ڌرتي سان بي انتها محبت آهي ۽ هر سال وانگر هن سال بي قومي ايڪتا عيد جي ڏهاڙي کي انهي جوش جذبي سان ملهائينداسين عمرڪوٽ ۾، محمد ايوب چانڊيو لکيو ته اسان پنهنجي عيد جي ڏھاڙي تي پاڻ ۽ پنهنجن ٻارن کي به عيد جيان تيار ڪندا آھيون ۽ پاڻ کي ايتري خوشي ٿيندي آھي جنهن جي ڪا حد نه آھي، کاهوڙي سنڌو به سروي ۾ حصو ورتو، شيراز چانگ لکيو ته ٽنڊوغلام حيدر ۾ پنهنجي اخبار سان گڏ ايڪتا جو ڏينهن ملهائينداسين، صاحب خان مهر لکيو ته ڪراچي ۾ ايڪتا ڏينهن ملهائينداسين.