اوميڪران

0
147
اوميڪران

 ڪووڊ ـ ۱۹ جي عالمي وبا برپا ڪندڙ ڪورونا خاندان جي ستين ڀاتي ‘سارس ڪوو ـ ۲’ جي نئين شڪل B.1.1.529 جيڪا ڏکڻ آفريڪا ۾ سڃاتي وئي. ھن شڪل جي وائرس کي صحت جي عالمي اداري طرفان ‘اوميڪران’ نالو ڏنو ويو آھي. اھو خدشو ظاھر ڪيو ويو آھي ته وائرس جي ھيءَ شڪل وڌيڪ خطرناڪ آھي. ياد رھي ته وائرس جيئڻ جا جتن ڪندي پنهنجون شڪليون ۽ خاصيتون تبديل ڪندو آھي جنھن کي جينريٽڪ ميو ٽيشن چئبو آھي. انھي عمل جو سبب ويڪسين اڻ برابري، ھروڀرو جون دوائون استعمال ڪرڻ، ويجسين نه لڳرائڻ ڄاڻايو ويو آھي. عالمي وبا ۾ ھوندي ھن نئين بدليل صورتحال ۾ برطانيا ۽ يورپ، ڏکڻ آفريڪي ملڪن تي سفري پابنديون لاڳو ڪيون آھن.

دنيا جي موجوده صورتحال ۾ وائرس جو اھو قسم ڪنھن ھڪڙي ملڪ يا کنڊ تائين محدود رھي، اھو ممڪن ڪونھي. انڪري ويڪسين لڳرائڻ ۽ زندگيءَ جي معمول ۾ احتياط ڪرڻ جي سخت ضرورت آھي.اوميڪران قسم وارو سارس ـ ڪوو ـ ۲ اڳي کان وڌيڪ ڦھلجندڙ ۽ گهاتڪ پڻ آھي، مطلب ٿوري عرصي ۾ گهڻا ماڻھو بيمار ڪري ٿو ۽ بيماريءَ جي شدت به اڳئين بيٽا وائرس کان سرس ٿئي ٿي. جلدي ويڪسين لڳرايو. ھڪٻئي کان وٿيرڪا رھو، پيهه ۾ نه وڃو، ھروڀرو سفر نه ڪريو، ھٿن کي صابڻ سان صاف ڪندا رھو، ماسڪ جو استعمال ڪريو، طبيعت خراب لڳي ته پنھنجي معالج سان صلاح ڪريو.  سير سپاٽي کان پاسو ڪريو، ھوٽلن تي نه ويھو، شھرن کان ڳوٺن ڏي سفر ڪرڻ کان پرھيز ڪريو، بزرگن، والدين ۽ مٽن مائٽن سان ملاقات مھل ماسڪ جو استعمال ڪريو، ٻارن کي ٽيوشن تي نه موڪليو. (فيس بوڪ وال تان ورتل)